Book Name:Apni islah kesay Karain
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت سڀ کان افضل عمل آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)
اي عاشقانِ رسول! هرجائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نِڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ فِڪرِ آخِرت
امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تابعي بُزُرگ آهن، پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيئي صَحَابه ڪرام عليهم الرِّضْوَان جي زيارت ڪئي ۽ انهن کان فيض حاصل ڪيائون، مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وُضو جو طريقو سکيو۔ (تذکرۃالاولیاء، صفحہ:20) امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه گهڻو خوفِ خُدا رکڻ وارا، عاجزي ۽ انڪساري ڪرڻ وارا بزرگ هئا، الله پاڪ سندن زبان ۾ وڏو اثر رکيو هو، وڏيون حڪمت ڀريون ڳالهيون ڪندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان ڪري رهيا هئا، ته مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه سندن بيان ٻڌي فرمايو: سُبْحٰنَ الله! هيءُ صديق جو ڪلام آهي۔ (آداب حسن بصری، صفحہ:23)