Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

هڪ ڀيري امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڪٿي وڃڻو هو ته درياءِ دجله جي ڪناري تي آيا ۽ درياء جي ٻي ڪناري وڃڻ جي لاءِ ٻيڙي جو انتظار ڪرڻ لڳا، ايتري ۾ حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به اتي اچي پهتا، انهن پڇيو: سائين! ڪٿي جو ارادو آهي؟ فرمايائون: دَرياء جي پَرئين پاسي وڃڻو آهي، ٻيڙي جو انتظار ڪري رهيو آهيان۔ حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه چيو: الله پاڪ تي توڪل ڪريو ۽ دَرياء پار ڪري وٺو! اهو چئي حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻيءَ تي هلندي دريا جي ٻيئي ڪنَاري تي هليا ويا، امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اهو منظر ڏسي بيهوش ٿي زمين تي ڪِري پيا، جڏهن هوش ۾ آيا ته ماڻهن بيهوشي جو سبب پڇيو، فرمايائون: حبيب عجميءَ عِلم مون وٽان سکيو آهي، اڄ ان کي بنا ٻيڙي جي دَرياء پار ڪندي ڏٺو ته مون کي قيامت جو منظر ياد اچي ويو، قيامت جي ڏينهن جهنّم جي مٿان پُلصِراط رکيو ويندو ۽ ان تان گذرڻ جو حڪم ٿيندو، افسوس! جيڪڏهن اتي به ائين ئي ٿيو ماڻهو پُلصِراط تان لنگھي ويا ۽ مان محروم رِهجي ويس ته ڇا ٿيندو؟ بَس انهيء دهشت سبب مان بيهوش ٿي ويس۔

پُل صراط آہ! ہے تلوار کی بھی دھار سے تیز                  کس طرح میں اسے پار کروں گا یارَبّ! ([1])

 

  ڪجھ ڏينهن کان پوءِ امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي حضرت حبيب عجمي
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ٻيهر ملاقات ٿي، امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڇيو: اي حبيب! توهان کي اهو رُتبو ڪيئن حاصل ٿيو؟ عرض ڪيائين: سائين! مان پنهنجي دِل جي اِصلاح ڪندو رهان ٿو۔ اهو ٻڌي امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عاجزي ڪندي فرمايو: افسوس! ماڻهن منهنجي عِلم مان فائدو ورتو پر مان پنهنجي لاءِ ڪجھ نه ڪري سگھيس۔ (تذکرۃالاولیاء، صفحہ:41) 

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور ڪريو! اسان جي بزرگانِ دين جي سوچ ڪيتري نِرَالي هئي، هو هر وقت آخرت جي فڪر ۾ مَصرُوف رهندا هئا، ڏسو!


 

 



[1] وسائِلِ بخشش ، صفحہ : 85۔