Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! ڪاميابي صِرف پنهنجي اِصلاح سان ملندي آهي، هن دُنيا ۾ ڪو به ٻين جي ڪلهي تي بيهي بلند نٿو ٿي سگھي، بلندي صِرف پنهنجي پيرن تي بيهي ئي مِلي سگھي ٿي، ڪنهن عقلمند وڏي خوبصُورت ڳالھ چئي: ”هن دُنيا ۾ صِرف هڪ انسان آهي جيڪو توهان کي ڪامياب ڪري سگھي ٿو ۽ اهو  هڪ انسان توهان پاڻ  آهيو۔“

سيپاري 30، سُورةُ الشَّمْس، آيت:9 ۽ 10 ۾ ارشاد آهي:

قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَاﭪ(۹) وَ قَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰىهَاؕ(۱۰)

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ ڪامياب ٿيو جنهن ان کي پاڪ ڪيو. ۽ نامراد ٿيو اهو جنهن ان کي نافرماني ۾ لڪايو.

ياد رکو! *نجات جو دارو مدار شهرت تي نه آهي، * نجات جو دارو مدار عزت تي نه آهي، * نجات جو دارو مدار مال ۽ دولت، عيش ۽ عشرت تي نه آهي، * نجات جو دارو مدار وڏي منصب تي نه آهي، * نجات جي لاءِ صرف علم حاصل ڪرڻ ڪافي ناهي۔ آخِرت ۾ نجات جي لاءِ پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، اِنْ شَآءَ الله! الله پاڪ جي رحمت ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَفَاعت سان جنّت جو حقدار ٿيندو پر جيڪو هن دُنيا ۾ پاڻ کي راھِ هدايت تي نه آڻي سگھيو، اهو آخرت ۾ به محروم ۽ نامراد ئي رهندو، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ مَنْ كَانَ فِیْ هٰذِهٖۤ اَعْمٰى فَهُوَ فِی الْاٰخِرَةِ

ترجمو ڪنز الايمان:  ۽ جيڪو هن ۾ انڌو ٿيو اهو آخرت ۾ به انڌو رهندو

  تفسير نور العرفان ۾ هن آيت جي حوالي سان لکيل آهي: يعني دُنيا ۾ جنهن جي دِل انڌي رهي، هدايت قبول نه ڪئي، اهو آخرت ۾ نجات ۽ جنت جي راھ