Book Name:Apni islah kesay Karain
اِصلاح ڪري وٺون، پوءِ ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏينداسين، اهو به غلط نظريو آهي، اسان کي پنهنجي به اِصلاح ڪرڻي آهي ۽ ٻين کي به نيڪي جي دعوت ڏيڻي آهي، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ نجات جي لاءِ انهن ٻين شين کي لازِم قرار ڏنو آهي، سيپاري 30، سُورَة العَصر ۾ اِرشاد آهي:
وَ الْعَصْرِۙ(۱) اِنَّ الْاِنْسَانَ لَفِیْ خُسْرٍۙ(۲)
ترجمو ڪنز الايمان: اي محبوب زماني جو قسم! بيشڪ انسان ضرور نقصان ۾ آهي.
يعني سمورا انسان نقصان ۾ آهن، ها! جنهن ۾ 2 وَصف هجن، اهي نقصان ۾ نه آهن، پهريون وَصف:
اِلَّا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ
ترجمو ڪنز الايمان: مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون.
۽ ٻيو وَصف:
وَ تَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ﳔ وَ تَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ۠(۳)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ هڪ ٻي کي حق جو تاڪيد ڪيائون ۽ هڪ ٻي کي صبر جي وصيت ڪيائون.
امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ سُوال ٿيو: ڇا روحاني طبيب ٻين جو عِلاج ڪري سگھي ٿو؟ فرمايائون: هائو! ڪري سگھي ٿو، پر پهريان پنهنجو عِلاج ڪري، پوءِ ٻين جو ڪري ڇوته جيڪو پاڻ راھ کان ڀٽڪيل هوندو، اهو ٻين جي رهنمائي ڪيئن ڪندو۔ (تذکرۃالاولیاء، صفحہ:18) پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ٻيو سُوال ٿيو: ماڻهو چون ٿا: ٻين کي نصيحت انهيءِ وقت ڪرڻ گھرجي جڏهن انسان پاڻ تمام بُرائين کان پاڪ ٿي وڃي؟ فرمايائون: شيطان ته اهو ئي چاهي