Book Name:Apni islah kesay Karain
ڪريم پڙھي وٺو، الله پاڪ ڪٿي هڪ ڀيري به ٻين جا عيب ڳولڻ جي ترغيب ناهي ڏني بلڪ هن کان منع ڪيو ويو آهي، اها اِسلام جي خاصِيت آهي ته اسلام اسان کي ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اِصلاح جو به ذهن ڏئي ٿو، سيپاري 28، سُورَة الحَشر، آيت:18 ۾ ارشاد آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ-
ترجموڪنز الايمان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته هر ساھ سوچي ته سڀاڻي جي واسطي اڳتي هن ڇا موڪليو
الله اڪبر! اهو تمام مشڪل ڪم آهي، پنهنجي عملن جو جائزو وٺڻ، پنهنجون غلطيون ڪڍڻ نهايت مشڪل ڪم آهي۔ الله پاڪ جي اها حِڪمت آهي ته الله پاڪ اکيون چهري تي لڳايون آهن ۽ اهي صِرف سامهون ڏسن ٿيون، پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ جي لاءِ مٿو جھڪائڻو پوي ٿو، اهو مٿو جھڪائڻ ئي دُنيا جو مشڪل ترين ڪم آهي پر جيڪو مٿو جھڪائي وٺندو آهي، پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائيندو آهي، ته اهو هميشه ڪامياب رهندو آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ یُّرِدِ اللہُ بِہٖ خَیْرًا اَبْصَرَہٗ عُیُوْبَہٗ الله پاڪ جنهن سان ڀلائي جو ارادو فرمائي ٿو، ان کي ان جا پنهنجا عيب ڏيکاري ٿو۔
اي عاشقانِ رسول! هن دُنيا ۾ هر شخص اڪيلو آيو آهي ۽ سڀني کي پنهنجي پنهنجي قبر ۾ اڪيلو ئي لهڻو آهي، افسوس! عنقريب هڪ اهڙو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن آسمان ويڙهيو ويندو، هن زمين کي ٻي زمين سان بدليو ويندو، جبل ذراذرا ٿي هوا ۾ اُڏامڻ لڳندا، افسوس! اها فانِي دُنيا پنهنجي عبرتناڪ انجام کي پهچندي۔ تمام انسانن کي ٻيهر زِندھ ڪيو ويندو۔
الله! الله! اهو حسَاب جو ڏينهن آهي، ڪو پيادل، ڪو سُوار ۽ ڪو منهن ڀر گھلجندو ميدانِ محشر ڏانهن وڌي رهيو هوندو، ٽامي جي ٽهڪندڙ زمين،