Book Name:Apni islah kesay Karain
هڪ مِيل جي مفاصلي تي باھ وسائيندڙ سج، گرمي سان دماغ ٽهڪي رهيا هوندا، ڪو پنهنجي ئي پگھر ۾ غوطا کائي رهيو هوندو، زبانون اڃ سبب سڪي ڪنڊا ٿي وينديون، دِل اُٻري نڙي تائين اچي ويندا، هر هڪ پنهنجي پنهنجي تڪليف ۾ مبتلا هوندو۔ افسوس! افسوس! ان ڏينهن جون هولناڪيون... الامان والحفيظ! ڪو ڪنهن جو حال نه پڇندو، پٽ پيءُ کان، پيءُ پٽ کان پيڇو ڇڏائي رهيو هوندو، امڙ سڪيلڌي پٽ کي ڇڏي ڏيندي، ڀاءُ ڀاءُ کان پري ٿي ويندو، مجرم ان ڏينهن خواهش ڪندا ته ڪاش! اڄ عذاب کان بچڻ جي بدلي پنهنجي پٽ، پنهنجي زال، پنهنجي ڀاءُ، پنهنجي قبيلي ايستائين جو زمين ۾ جيڪو ڪجھ آهي سڀ ڏئي نجات حاصِل ڪري وٺان پر سڏ ٿيندو: کَلَّا هر گز نه، اڄ عَدل جو ڏينهن آهي۔
الله اڪبر! ان ڏينهن ڀڄڻ جي ڪا گھٽي نه هوندي، ڪو به الله پاڪ کان لڪي نه سگھندو، اسان جا هٿ، ڪن، زبان، پير، اسان جي جِلد اسان جي خِلاف شاهدي ڏيندا، افسوس! اسان جو اَعمالنامو اسان جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اسان جا ننڍا ننڍا عَمَل ان ۾ دَرج هوندا، مجرم پنهنجي عملن جي فهرست ڏسي ڏڪي ويندا ۽ گھٻرائجي دانهون ڪندا:
وَ یَقُوْلُوْنَ یٰوَیْلَتَنَا مَالِ هٰذَا الْكِتٰبِ لَا یُغَادِرُ صَغِیْرَةً وَّ لَا كَبِیْرَةً (سيپاري:15، سورۃ الڪهف، آيت:49)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ چوندا هاءِ! اسان جي بربادي هن لکت کي ڇا ٿيو آهي جو ان نه ڪو ننڍو گناھ ڇڏيو آهي ۽ نه وڏو.
اي عاشقانِ رسول! لرزي وڃو! خوف سبب ڏڪي وڃو..!! افسوس! ان نَفسَا نَفسِي جي عالم ۾ خدانخواسته جيڪڏهن سڏ ٿيو ته: اي فلاڻا! ڏس! هي اهو آهي جيڪو تنهنجي ترغيب تي نمازي بڻيو هو، ان نمازون پڙھيون، اڄ هيءُ جنتي آهي، اي فلاڻا! ڏس! هي اهو آهي جنهن تنهنجو درس ٻڌي پنهنجي اِصلاح ڪئي، اڄ هيءُ جنتي آهي؟ اي فلاڻا! ڏس! هي اهو آهي جنهن جي