Book Name:Apni islah kesay Karain
ڪردار تي تون آڱر کڻندو هئين، اي فلاڻا! ڏس! هي اهو آهي جنهن تي تون تنقيد ڪندو هيئن، اي فلاڻا! ڏس! هي اهو آهي جنهن کان تون حسد ڪندو هئين، اي فلاڻا! اهي اهو آهي جنهن جي تُون غيبتون ڪندو هئين، اي فلاڻا! هي اهو آهي جنهن جو تون مذاق اُڏائيندو هئين، ڏس! انهن سڀني پنهنجي اِصلاح ڪئي، اڄ اهي جنتي ٿي ويا، هاڻي تون ٻڌاءِ تنهنجو عمل ڪهڙو آهي؟ تو پنهنجي ڪيتري اِصلاح ڪئي؟
یہ گھڑی محشر کی ہے، تُو عرصۂ محشر میں ہے
پیش کر غافِل عمل کوئی اگر دفتر میں ہے
نقصان! نقصان! ۽ سخت نقصان! افسوس! افسوس! صد افسوس! جيڪڏهن اسان پنهنجي اِصلاح نه ڪئي هوندي، خدانخواسته نمازون پوريون نه پڙهيون، روزا پورا نه ٿيا، جيڪڏهن والدين جو ادب ڪري جنت جا حق دار نه ٿياسين، پاڙيسرين کي تڪليف پهچائي، ماڻهن کي گاريون ڏئي، غيبتون ڪري، چغليون هڻي، بدگمانيون ڪري، ڪوڙا الزام لڳائي ٻين جون عِزَّتون پامال ڪيون هونديون، ظاهر ۾ سٺا بڻجي نيڪ سڏرائي پر اڪيلائي ۾ گُنَاهن جو بازار گرم ڪندا رهيا سين ته ان وَقت اسان جو ڇا ٿيندو، افسوس! جيڪڏهن روزِ قيامت پڪڙ ٿي وئي ته اسان ڪمزور ڪيڏانهن وينداسين؟ افسوس! ڪيتري شرمساري ٿيندي. افسوس! جهنّم جو هولناڪ عذاب اسان ڪيئن برداشت ڪري سگھنداسين؟
اي جنت جا طلب گارو! اڃا به اسان وٽ وقت آهي، اچو! اسان سُڌرڻ جي ڪوشش ڪيون، اچو! اسان پنهنجي اِصلاح جي ڪوشش ڪيون۔ اچو! گڏجي بارگاھ الٰهي ۾ دُعا گھرون ٿا:
ہر گُنہ سے بچا مجھ کو مولیٰ نیک خصلت بنا مجھ کو مولیٰ