Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اِمام حَسَن بَصَري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شاگرد هئا، حقيقت ۾ حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بلند رُتبو ملڻ امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ئي فيضان هو، ان جي باوُجُود پاڻ حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڏسي فخر نه ڪيائون بلڪ عاجزي فرمايائون۔ خيال رهي! امام حَسَن بَصَري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ به باڪرامت وَلِي الله هئا، هڪ ڏينهن ڏٺو ويو: ته پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز پڙهڻ جي لاءِ پاڻي تي مصلو وڇائي رهيا هئا، هڪ ڀيري حج جي سَفَر دوران پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  قافلي وارن کي کجورون عطا ڪيون، قافلي وارن کجورون کاڌيون، اَندران جيڪي ککڙيون نڪتيون اهي سون جون هيون۔ (تَذکِرَۃُ الاَولیا، صفحہ:22 و51)

سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو! ايڏو وڏو رُتبو هئڻ جي باوُجُود امام حَسَن بَصَري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت حبيب عجمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي پاڻي تي هلندو ڏٺائون ته ڪيئن فِڪرِ آخرت اپنائي، پُلصِرَاط جو تَصَوُّر ڪندي خوف خُدا سان ڏڪڻ لڳا ۽ عاجزي ۽  انڪساري ڪندي پنهنجي اِصلاح جي لاءِ فِڪر مند ٿي ويا۔ افسوس! هڪ اسان آهيون جو گُنَاهن جو ميٽر ڏينهن رات تيزي سان هلي رهيو آهي، ان جي باوُجُود نه شرمساري جو اِحسَاس آهي، نه آخرت جو ڪو خوف۔

عُمر بَدیوں میں ساری گزاری                            ہائے پھر بھی نہیں شَرْمساری

بخش!محبوب کا واسطہ ہے                                یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

ہُوں بظاہر بڑا نیک صُورت                             کر بھی دے مجھ کو اب نیک سیرت

ظاہِر اچھا ہے، باطِن بُرا ہے                            یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

مَغْفِرت کا ہوں تجھ سے سُوالی                          پھیرنا اپنے دَر سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی التجا ہے                                           یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے([1])

 ڪاميابي صِرف پنهنجي اِصلاح سان ملندي آهي


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش ، صفحہ : 135-137 ملتقطاً۔