Book Name:Apni islah kesay Karain
ڏسڻ کان پڻ انڌو هوندو۔ (تفسیر نورالعرفان،پارہ:15، سورۃ بنی اسرائیل،تحت الآیۃ:72، صفحہ:797)
اچو اسان غور ڪريون! الله پاڪ اسان کي نماز پڙهڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو شخص نماز جي تلقين ته ڪري پر پاڻ نماز نه پڙھي ڇا ان حڪمِ الٰهي تي عَمَل ڪيو؟ الله پاڪ روزا رکڻ جو حڪم ڏنو، الله پاڪ ڪوڙ، غيبت، چغلي، حَسَد، تڪبر، بدگماني، وعده خلافي، اِلزام تراشي، گار گند کان بچڻ، نگاهون هيٺ رکڻ، والدين جو ادب ڪرڻ، ڀيڻ ڀائرن جي حقن جو خيال رکڻ، پاڙيسرين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ، رشتيدارن سان ڀلائي ڪرڻ، ظاهري گُنَاهن کان بچڻ، باطني بيمارين کان ڇوٽڪاري جو حڪم ڏنو، جيڪڏهن ڪو انهن سڀني ڪمن جي ٻين کي تلقين ته ڪري پر پاڻ انهن تي عمل نه ڪري، ڇا اُن الله پاڪ جي اَحڪام تي عَمَل ڪيو؟
كَلَّا لَمَّا یَقْضِ مَاۤ اَمَرَهٗؕ(۲۳) (سيپاري30،سُوْرَه عَبَسَ:23)
ترجمو ڪنز الايمان: هرگز نه! ان اڃان تائين پورو نه ڪيو جيڪو ان کي حڪم هو
جيڪڏهن اسان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪريون، قرآنِ ڪريم کي سمجھون ته خبر پوندي ته ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ واري جي لاءِ پنهنجي اِصلاح ڪيتري وڌيڪ ضروري آهي، سيپاري1، سُورَة الْبَقَرَۃ، آيت:44 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
اَتَاْمُرُوْنَ النَّاسَ بِالْبِرِّ وَ تَنْسَوْنَ اَنْفُسَكُمْ وَ اَنْتُمْ تَتْلُوْنَ الْكِتٰبَؕ-اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ(۴۴)
ترجمو ڪنز الايمان: ڇا ماڻهن کي چڱائي جو حڪم ڏيو ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي وساريو ٿا؟ حالانڪ توهان ڪتاب پڙهو ٿا، ڇا! اوهان کي عقل نه آهي.؟
ڪن ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته اسان پهريان پنهنجي مڪمل طور تي