Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

جي عملن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪري، پنهنجي عملن جو جائزو وٺي ته صبح جيڪو پاڻ سان وعدو ڪيو هو، جيتريون نيڪيون ڪرڻ جو هدَف بڻايو هو، اڄ ان وَعدي تي ڪيترو عَمَل ڪيو؟ ڪيتريون نيڪيون ڪيون؟ ڪيترن گُنَاهن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿيس؟ جيڪڏهن پنهنجي وَعدي تي عَمَل ڪيو آهي ته الله پاڪ جو شُڪر ادا ڪري، نفس کي شاباش ڏي ۽ آئنده وڌيڪ نيڪيون ڪرڻ تي اُڀاري ۽ عملن ۾ ڪمي رهي، صبح ڪيل وَعدي تي پورو پورو عَمَل نه ٿي سگھيو ته نفس کي سزا ڏئي، مثال طور پاڻ کي چوي: اي نفس! اڄ تو ايتريون نمازون باجماعت ادا ڪرڻ ۾ سستي ڪئي، لهٰذا هاڻي جيستائين 50 نفل نمازون نه پڙھي وٺندي، هڪ سيپارو قرآنِ ڪريم جي تلاوت نه ڪري وٺندي، مان توکي سمهڻ نه ڏيندس، پوءِ نفس کي سُڌارڻ جي لاءِ، جيڪا سزا مقرر ڪئي، اها سزا ان کي ڏي، الله پاڪ کان استقامت جي دُعا گهري ۽ اڳئين ڏينهن ٻيهر ڪوشش جي لاءِ تيار ٿي وڃي۔

جيڪڏهن اسان اهي 3 ڪم استقامت سان لاڳيتو ڪندا رهياسين ته اِنْ شَآءَ الله! جلد ئي پنهنجي اِصلاح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔ الله پاڪ اسان کي ان طريقِيڪار تي هلندي پنهنجي اصلاح ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

 آمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                        گُنَاہوں سے ہر دَم بچا یااِلٰہی!

مِرا ہر عَمَل بَس ترے واسطے ہو                           کر اِخْلاص ایسا عطا یااِلٰہی!

عِبَادت میں گزرے مری زِندگانی                       کرم ہو، کرم یاخُدا،  یاالٰہی!

(6):پير بنائڻ نه وساريو

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان پنهنجي اِصلاح چاهيون ٿا ته ڪنهن پِيرِ ڪامِل جا مُرِيد ٿيڻ کي بلڪل نه وساريون! بنا پير جي شيطان ۽ نَفسِ اَمَّاره جي مَڪارين کان بچڻ تقريباً ناممڪن آهي۔ سُلطانُ العَارِفِين، شيخ سُلطَان بَاهو