Book Name:Apni islah kesay Karain
12 ديني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم: نيڪ اَعمَال
اي عاشقانِ رسول! امير اهلسنت، بانئ دَعوَتِ اسلامي حضرت علامه، مولانا محمد الياس عطارقادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه هن دور جي عظيم علمي ۽ رَوحاني شخصيت آهن، الحمدلله! امير اهلسنت ڪامِل پير آهن، الحمدلله! سندن دامنِ ڪرم سان وابسته ٿي لکين ماڻهن جي زِندگي ۾ انقلاب اچي چڪو آهي، ڪروڙين دِلين جي اِصلاح ٿي چڪي آهي، گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل لکين ماڻهو اڄ الحمد لله! نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن، مشورو آهي ته اوهان به ولي ڪامِل، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا مُرِيد ٿي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ۾ مَصرُوف ٿي وڃو، جيڪڏهن اوهان پهريان ڪنهن پير صاحِب جا مُرِيد آهيو ته بيعتِ برڪت حاصِل ڪرڻ جي لاءِ طالب ٿي وٺو۔ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان بيعت ٿيڻ چاهيو ته نهايت آسان طريقو آهي، هر هفتي عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي براه راست (Live) مدني مُذاڪري جو سلسلو ٿيندو آهي، تقريباً هر مدني مُذاڪري ئي ۾ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه بيعت به ڪرائيندا آهن، اوهان مدني مُذَاڪري ۾ شِرڪت ڪريو ۽ جڏهن بيعت ڪرائي وڃي ته بيعت ڪري وٺو، ان کان عِلاوه شُعبه رُوحَاني علاج جي ذِمَّه دارن کي يا رُوحاني علاج جي بستن تي پنهنجو نالو، رابطو نمبر ۽ گھر جو مڪمل ايڊريس لکرائي ڇڏيو، اِنْ شَآءَ الله! ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اوهان کي بيعت نامو ملي ويندو۔
دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تي رُوحاني علاج سروس جي ذريعي به اوهان پنهنجو نالو پتو لکرائي اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان بيعت ٿي سگھو ٿا۔
اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان بيعت ٿيڻ جي لاءِ SMS سروس به موجود آهي، هيءُ نمبر نوٽ ڪري ڇڏيو: 0321-2626112، هن نمبر تي بيعت ٿيڻ جي لاءِ SMS موڪلي به مريد بڻجي سگھو ٿا۔