Book Name:Apni islah kesay Karain
فرمائيندا هئا، پوءِ اٿي ڪري ڪجھ دير تائين نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ آرام ڪندا هئا، وري اٿي ڪري نماز ادا فرمائيندا هئا، صبح تائين اها ئي حالت قائم رهندي هئي، ڪڏهن ٻه ٽهائي رات گذري وڃڻ کان پوءِ بيدار ٿيندا هئا ۽ فجر تائين نماز ۾ مصروف رهندا هئا، ڪڏهن اڌ رات کان پوءِ بستر تان اٿي ويندا هئا، پوءِ سڄي رات نمازن ۾ گذاريندا هئا. * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ وڏيون وڏيون سورتون پڙهندا هئا، ڪڏهن رڪوع ۽ سجدا ڊگها ڪندا هئا، ڪڏهن قيام طويل هوندو هو. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نمازن سان گڏوگڏ ڪڏهن بيهي، ڪڏهن ويهي ۽ ڪڏهن مٿو سجدي ۾ رکي ڪري روئي روئي، گڙگڙائي راتين ۾ دعائون به ڪندا هئا. (سیرتِ مصطفےٰ، صفحہ:595)
اللہ کیا جہنّم اب بھی نہ سَرْد ہو گا
رَو رَو کے مصطفے نے دریا بہا دئیے ہیں
الله پاڪ اسان سڀني کي به مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزم هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ۾ فرض نمازن سان گڏوگڏ ڪثرت سان نفل نمازون به پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي.
آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
دربارِ مصطفےٰ میں لے کے جائے گی
خالق سے بخشوائے گی اے بھائیو نماز
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد