Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان جيڪو بيان ڪيو ويو آهي، ان جو خلاصو هيءُ  آهي ته الله پاڪ هن آيت ۾ نصيحت ڪندي ارشاد فرمايو: اي انسانو! بيشڪ الله پاڪ جو واعدو سچو آهي، قيامت ضرور اچڻي آهي، مرڻ کان پوءِ ضرور اُٿڻو آهي، پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو آهي ۽ هر هڪ کي پنهنجي عمل جي جزا ضرور ملندي پوءِ هرگز دنيا جي زندگي توکي ڌوڪو نه ڏئي ته ان جي لذّتن ۾ مشغول ٿي توهان آخرت کي وساري ويهو۔ (خازن، فاطر، تحت الآیۃ: ۵، ۳ / ۵۲۹-۵۳۰، ابو سعود، فاطر، تحت الآیۃ: ۵، ۴ / ۳۶۲، ملتقطاً)

دنيا جي زندگي کان ڌوڪو نه کائو

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جي زندگي جي باري ۾ الله پاڪ سيپاري 27، سوره حَدِيد جي آيت نمبر 20 ۾ ارشاد فرمايو:

كَمَثَلِ غَیْثٍ اَعْجَبَ الْكُفَّارَ نَبَاتُهٗ ثُمَّ یَهِیْجُ فَتَرٰىهُ مُصْفَرًّا ثُمَّ یَكُوْنُ حُطَامًاؕ-وَ فِی الْاٰخِرَةِ عَذَابٌ شَدِیْدٌۙ-وَّ مَغْفِرَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَ رِضْوَانٌؕ-وَ مَا الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاۤ اِلَّا مَتَاعُ الْغُرُوْرِ(۲۰) (پ۲۷،الحديد:۲۰)

 ترجمو ڪنزالايمان: (دنيا جي زندگي) ان برسات وانگر آهي جنهن جي ڄمايل ساوڪ هارين کي وڻي پوءِ سڪي ويئي جو تون ان کي ڦڪو ڏسين ٿو پوءِ لتاڙيل ٿي وئي ۽ آخرت ۾ سخت عذاب آهي ۽ الله جي طرف کان بخشش ۽ ان جي رضا آهي. ۽ دنيا جي حياتي ته نه آهي مگر ڌوڪي جو مال.

سيپاري 21، سُوره لُقمان جي آيت نمبر 33 ۾ ارشاد  ٿئي ٿو:

اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاٙ-وَ لَا یَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ(۳۳) (پ۲۱،لقمان:۳۳)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ هرگز توهان کي ڌوڪو نه ڏي دنيا جي زندگي. ۽ هرگز توهان کي الله جي حلم تي ڌوڪو نه ڏي اهو وڏو فريبي.