Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

روزا به رکيا، زڪوٰة فرض هئڻ جي صورت ۾ پابندي سان وقت تي ادا ڪئي، فرض هئڻ تي حج به ادا ڪيو، صورت سان گڏوگڏ سيرت کي به آقاڪريم عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي سنّتن جو آئينه دار بڻائي ورتو، گھٽي گھٽي، چوڪ چوڪ، نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايون، قرآنِ پاڪ جي تعليم نه صرف پاڻ حاصل ڪئي پر ٻين کي به ڏني، ”چوڪ درس“ ڏيڻ ۾ گھٻراهٽ محسوس نه ڪئي، ”گھر درس“ شروع ڪيو، سنتن جي تربيت جي مدني قافلن ۾ هر مهيني گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينهن سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين مسلمانن کي به ان جو ذهن ڏنو، روزانو نيڪ اعمال جو ڪارڊ ڀري هر انگريزي مهيني جي پهرين تاريخ تي پنهنجي ذميدار کي جمع ڪرايو، الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي فضل و ڪرم سان ايمان سلامت کڻي دنيا مان ويؤ ته اِنشَاءَ الله قبر ۾ حشر تائين رحمتن جو نزول ٿيندو رهندو ۽ نورِمصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا جلوا عام رهندا۔

قَبْرمیں لہرائیں گے تاحشر چشمے نور کے                                                                      جلوہ فرما ہو گی جب طَلْعَت رسولُ اللّٰہ کی

موت کي وسارڻ جو  وڏو  سبب

پيارا اسلامي ڀائرو! موت جي ياد ۾ رڪاوٽ جو سڀ کان وڏو سبب وڏيون اميدون آهن جن ۾ شيطان اسان کي ٻڌي رکيو آهي۔ اسان نوان نوان منصوبا ته تيار ڪندا پيا وڃون پر موت جي تياري کان غافل آهيون، فنا ٿيڻ واري دنيا ۾ گهر جي خوبصورتي اسان جي پهرين ترجيح ته آهي، پر هميشه جي رهڻ واري زندگي اسان جي ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ناهي۔

اڄ عمل جو موقعو آهي

امير المومنين حضرت سَيدُنا علي المرتضٰي شيرخُدا رَضِي اللّٰه عَنْه هڪ ڀيرو ڪوفي ۾ خطبو ڏيندي ارشاد فرمايو؛ اي انسانؤ! بيشڪ توهان جي باري ۾ مون کي سڀ کان وڌيڪ ان ڳالھ جو خوف آهي جو ڪٿي اوهان وڏيون اميدون