Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! موت کي ڪثرت سان ياد رکڻ جي طريقن مان هڪ طريقو اهو به آهي ته اسان موت جي سختي کي پنهنجي ذهن ۾ رکون ته موت جي حقيقت ڇا آهي ۽ موت کان پوءِ وارا معاملا ڪهڙا هوندا ڇوته جڏهن ان جي معلومات هوندي ته پوءِ ئي موت کي ياد رکڻ سان گڏوگڏ آخرت جي تياري جو ذهن بڻجندو۔

موت جي تڪليف

            حُجَّة الاِسلَام حضرتِ سَيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڪرات جي تڪليف جي شدت ۽ ان جي ڪيفيتن جي مَنظر ڪشي ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا: سڪرات ان تڪليف جو نالو آهي جيڪا سڌو سنئون رُوح تي نازِل ٿيندي آهي ۽ سمورن حصن کي وڪوڙي وٺندي آهي ايستائين جو رُوح جو اهو حِصّو به تڪليف محسوس ڪندو آهي جيڪو بدن جي گهرائين ۾ آهي۔ سڪرات جون تڪليفون براه راست رُوح تي حملو ڪنديون آهن ۽ پوءِ اهي تڪليفون تمام بدن ۾ اهڙي طرح ڦهلجي وينديون آهن جو هر هر رَڳ، نس، حصّي ۽ سَنڌن مان رُوح ڇڪيو ويندو آهي، هر وار جي پاڙ مان ايستائين جو مٿي کان وٺي پيرن تائين جي کل جي هر حصّي مان رُوح ڪڍيو ويندو آهي، تنهنڪري ان وَقت جي تڪليف ۽ درد جو ڪير اَندازو ڪري سگھي ٿو۔

          بُزرگن ته ايستائين فرمايو آهي جو موت جي تڪليف تلوار جي وار، آري جي چيرڻ ۽ قينچي جي ڪٽڻ کان به وڌيڪ تڪليف ده آهي ڇوته جڏهن تلوار جو وار بدن تي پوندو آهي ته بدن کي تڪليف انهيء ڪري محسوس ٿيندي آهي جو ان جو رُوح سان تَعلُّق قائم آهي۔ ٿورو اَندازو ڪيو ته ان وَقت ڪيتري قدر تڪليف هوندي جڏهن تلوار براه راست رُوح تي پوندي؟ جڏهن ڪنهن کي تلوار سان زَخمي ڪيو وڃي ته مدد گھري سگھي ٿو، روڄ راڙو ڪري سگھي