Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

موت جي ياد دنياوي مصيبتن کي هلڪو ۽ آسان ڪندي ۽ ناشڪري، تڪبر ۽ دنياوي لذتن کي روڪندي آهي ۔

اسان جا  اسلاف ۽ موت جو تصور

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته موت جي ياد هر وَقت اسان جي دلين ۾ مَوجُود رهي ۽ اسان وَقت بوقت موت جي تياري ڪندا رهون ۽ ان کان علاوه ٻين گُناهن کان به بچندا رهون ته ان جو هڪ طريقو بُزُرگانِ دِين جي موت جي ياد بابت واقعن جو مطالعو ڪرڻ آهي۔ ڇوته اسان جا بزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم هر وقت موت ۽ قبر و آخرت کي پيشِ نظر رکندا هئا۔ اهو ئي سبب آهي جو اهي گناهن کان پري ۽ نيڪين لاءِ تيار رهندا هئا ۽ دنيا جي عارضي لذتن ۾ مصروف ٿي مطمئن هئڻ بدران هر وقت خوفِ خدا سبب روئيندي موت، ۽ قبر و حشر جي هولناڪين کي ياد رکندا هئا۔ جيئن ته

ڍڳي وانگر دانهون ڪندا هئا

   حضرتِ سيدُنا يزيد رَقاشي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي باري ۾ منقول آهي ته؛ پاڻ موت کي ڪثرت سان ياد رکڻ وارن مان هئا۔ جڏهن قبرن کي ڏسندا هئا ته قبر جي اونداهي ۽ اڪيلائي جي وحشت وغيره جي خوف کان ايترا بي قرار ٿي ويندا هئا جو ڍڳي وانگر رڙين جو آواز نڪرندو هو۔ (احیاء علوم الدین ، کتاب ذکر الموت وما بعدہ ، الباب السادس فی اقاویل العارفین ... الخ، ۴/ ۵۸۹)

      اي عاشقانِ رسول! اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي غفلت ۾ ڏينهن رات گذارڻ وارن، پنهنجي صحت تي ناز ڪرڻ وارن، پنهنجي خوبصورتي تي فخر ڪرڻ وارن کي وڏي پياري انداز سان نصيحت ڪندي فرمائن ٿا:

موت آئی پہلواں بھی چل دیئے                 خوبصورت نوجواں بھی چل دیئے

دنیا میں رہ جائے گا یہ دبدبہ                         زور تیرا خاک میں مل جائے گا