Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

بے وفا دنیا پہ مت کر اِعتبار                                      تُو اچانک موت کا ہوگا شکار

موت آکر ہی رہے گی یاد رکھ!                                    جان جا کر ہی رہے گی یاد رکھ!

گر جہاں میں سو برس تُوجی بھی لے                              قبر میں تنہا قِیامت تک رہے

جب فِرشتہ موت کا چھا جائے گا                                 پھر بچا کوئی نہ تجھ کو پائے گا

موت آئی پہلواں بھی چل دیئے                                خوبصورت نوجواں بھی چل دیئے[1]

 رُوح جو دَرد ناڪ احوال

منقول آهي ته رُوح جڏهن جسم مان جدا ٿيندو آهي ۽ ان تي ست ڏينهن گذرندا آهن ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عَرض ڪندو آهي: اي ربّ! مون کي اجازت عطا فرماءِ ته جيئن مان پنهنجي جسم جو حال معلوم ڪيان، ته ان کي اجازت ملي ويندي آهي۔ پوءِ هو پنهنجي قَبر ڏانهن ايندو آهي، ان کي پري کان ڏسندو آهي ۽ جسم کي ڏسندو آهي ته هو بگڙجي چڪو آهي ۽ ان جي ناسن، منهن، اکين ۽ ڪنن مان پاڻي وهي رهيو آهي۔ هو پنهنجي جسم کي چوندو آهي: بي مثال حُسن و جمال کان پوءِ هاڻي تون هن حال ۾ آهين! اهو چئي هليو ويندو آهي۔ وري ست ڏينهن کان پوءِ اِجازت گھري ٻيهر قَبر تي ايندو آهي ۽ پري کان ڏسندو آهي ته مُڙدي جي وات جو پاڻي رت مليل پونء، اکين جو پاڻي، خالص پونء ۽ نڪ جو پاڻي رت بڻجي چڪو آهي۔ ته ان کي روح چوندو آهي: هاڻي تون هن حال ۾ پهچي چڪو آهين! اهو چئي روح اڏامي ويندو آهي۔ پوءِ ست ڏينهن کان پوءِ اِجازَت وٺي ان کي پري کان ڏسندو آهي، ته ان جي حالت اها هوندي آهي جو اکين جون ماڻڪيون چهري تي اچي چڪيون هونديون، پونء ڪيڙن ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، ڪيڙا ان جي وات مان داخل ٿي نڪ مان نڪري رهيا آهن۔ تڏهن اهو جسم کي چوندو آهي: تون وڏي چاهت ۽ پيار سان پلجڻ کان پوءِ هاڻي هن حال کي پهچي ويو آهين! (روض الفائق، ص۲۸۳)


 

 



وسائل بخشش (مرمّم)،ص۷۱۱