Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

مان ان جي لاءِ اِستغفار ڪندو آهيان ۽ ان کان علاوه ان جي لاءِ ڏھ (10) نيڪيون لکيون وينديون آهن۔‘‘ (معجم اوسط ، ۱/ ۴۴۶،حدیث: ۱۶۴۲)

ذِکْر و دُرُود ہر گھڑی وِردِ زَباں رہے                                                                                             میری فُضُول گوئی کی عادَت نکال دو[1]

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

*  الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پوري توجھ سان بيان ٻڌندس  * جيڪڏهن ڪنهن ڌِڪو وغيره ڏنو ته صبر ڪندس،  اَٽڪڻ کان بچندس * علم دين جي تعظيم خاطر ادب سان ويهندس * بيان جا اهم نڪات ٻين کي به بيان ڪندس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

موت جي ياد

حضرتِ سيدُنا سالِمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مُلڪ روم مان ڪجھ قاصد حضرتِ سيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وٽ آيا ته پاڻ فرمايائون: جڏهن توهان ڪنهن کي پنهنجو بادشاھ بڻائيندا آهيو ته ان جو ڪهڙو حال هوندو آهي؟ چوڻ لڳا: جڏهن اسان ڪنهن کي پنهنجو بادشاھ بڻائيندا آهيون ته ان وٽ هڪ قبر کوٽڻ وارو اچي چوندو آهي: اي بادشاھ! الله پاڪ تنهنجي اصلاح فرمائي! جڏهن توکان پهريان بادشاھ تخت نشين ٿيو ته ان مون کي حڪم ڏنو: منهنجي قبر هن


 

 



1   وسائل بخشش( مُرمَّم)،ص۳۰۵