Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

۽ سيپاري 5 سُورَه نِسَاء آيت نمبر78 ۾ رَبِّ ذوالجلال جو ارشاد آهي:

اَیْنَ مَا تَكُوْنُوْا یُدْرِكْكُّمُ الْمَوْتُ وَ لَوْ كُنْتُمْ فِیْ بُرُوْجٍ مُّشَیَّدَةٍؕ- (پ۵،النسا:۷۸)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ توهان جاٿي به هجو موت توهان کي اچي پهچندو جيتوڻيڪ مضبوط قلعن ۾ هجو

اَمِيرِاَهلِسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه مدني گل ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا: اي عاشقانِ رسول! ۽ منهنجا پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً جيڪو موت ۽ ان کان بعد وارن معاملن جي سٺي نموني ڄاڻ رکي ٿو اهو دنيا جي رنگينين ۽ ان جي آسائشن جي ڌوڪي ۾ نٿو اچي سگھي۔ ڇا توهان ڪڏهن ڪنهن مرڻ واري جي قبر ۾ رکڻ لاءِ فرنيچر تيار ڪرائيندي، قبر ۾ ايئرڪنڊيشن لڳرائيندي، پيسا رکڻ لاءِ پيتي ٺهرائيندي، راندين ۾ کٽيل ڪپ ۽ دنياوي ڪاميابين جون سندون سجائڻ لاءِ ڪٻٽ ٺهرائيندي ڏٺو آهي؟ نه ڏٺو هوندو ۽ اهي ڪم شرعاً جائز به ناهين، ته پوءِ جڏهن سڀ ڪجھ هتي ڇڏي وڃڻو آهي ته هي ڊگريون اسان جي ڪهڙي ڪم جون؟ جنهن دولت جي لاءِ سڄي زندگي محنت ۽ مشقت ڪريون ٿا اها اسان جي ڪهڙي مدد ڪندي؟ جنهن منصب جي ڪري شان و شوڪت جو اظهار ڪندا رهياسين، اهو آخر اسان جي ڪهڙي ڪم ايندو؟ پيارا اسلامي ڀائرو! اڃا به وقت آهي، هوش ۾ اچو ۽ قبر و آخرت جي تياري ڪريو۔ (قبر کی پہلی رات،ص ۱۸)

قرآنِ ڪريم ۾ سيپاري 22، سُورَه فَاطِر جي آيت نمبر5 ۾ ارشاد آهي:

یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ فَلَا تَغُرَّنَّكُمُ الْحَیٰوةُ الدُّنْیَاٙ-وَ لَا یَغُرَّنَّكُمْ بِاللّٰهِ الْغَرُوْرُ(۵) (پ 22، الفاطر: 5)

ترجموڪنزالايمان: اي انسانو! بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي، پوءِ توهان کي هرگز ڌوڪو نه ڏي دنيا جي زندگي ۽ هرگز توهان کي الله جي حڪم تي ڌوڪو نه ڏي اهو وڏو ڌوڪيباز.