Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ’’مدني مذاڪرو‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ هر هر توبه ڪرڻ ۽ توبه تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي، اسان به توبه جو ذهن بنائڻ ۽ توبه تي ثابت قدمي جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته رهون۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، انهن مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪرو“ پڻ آهي. هن مَدَني ڪم جا بي شُمار ديني ۽ دُنياوي فائدا آهن * مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو ۽ علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ * مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان ديني معلومات سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي ۽ هن مَدَني ڪم جي بَرَڪت سان بي شمار ماڻهو گناهن واري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا آهن۔ 

      12مَدَني ڪمن مان هن مدني ڪم ”هفتيوار مدني مذاڪره“ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي 72 صفحن تي مشتمل رسالي ”هفتيوار مدني مذاڪره“ جو مطالعو ڪريو۔ تمام ذمه دارانِ دعوتِ اسلامي ته هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبتة المدينه تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami .net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت

حيدر آباد (سندھ) جي علائقي ڦليلي پار جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي زندگي جا قيمتي ڏينهن غفلت ۾ گذري رهيا هئا جو خوش قسمتي سان هڪ ڀيرو ڪنهن مبلغِ دعوتِ اسلامي سان ملاقات ٿي، جن جي انفرادي ڪوشش سان باقاعدگي سان مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت ملڻ لڳي. امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي پُرتاثير گفتگو جي برڪت سان ڏينهون ڏينهن گناهن کان نفرت ۽