Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

موت کي ياد رکو

پيارا اسلامي ڀائرو! * موت کي ياد رکو ڇوته اها ياد لذتن کي ختم ڪندڙ * ربِّ رحيم جو قُرب ڏياريندڙ * دلين کان غفلت جو پردو کڻڻ واري * موت کان پهريان موت جي تياري ڪرائڻ واري * راھ حق تي هلائڻ واري آهي. * دنياوي نعمتن ۽ وسعتن سبب ڌوڪي کان روڪڻ واري آهي. * دنياوي مصيبتن تي صبر آسان بنائڻ واري آهي، * دنيا جي دولت کان بي رغبتي پيدا ڪرڻ واري آهي. * نيڪين ۾ اضافو ڪرائڻ واري آهي. * گناهن کان روڪيندي، توبه تي اُڀاريندڙ ۽ پنهنجي ربِّ ڪريم جي قُرب جي خواهش پيدا ڪرڻ واري آهي۔

موت کي ياد رکڻ جون فضيلتون ۽ فائدا

تُواپنی موت کو مت بھُول کرسامان چلنے کا                                                                            زمیں کی خاک پر سونا ہے اینٹوں کا سرہاناہے[1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موت کي بڪثرت ياد رکڻ جون کوڙ فضيلتون ۽ فائدا آهن، اچو! اسان به ڪجھ ٻڌون ٿا: * جيڪو ڏينهن رات 20 ڀيرا موت کي ياد ڪري ان کي شهيدن سان گڏ اٿاريو ويندو۔ * موت کي گھڻو ياد ڪيو ڇوته موت جي ياد گناهن کي مٽائيندڙ ۽ دنيا کان بي رغبت ڪندي آهي۔ * موت کي زياده ياد ڪرڻ ۽ ان جي گھڻي تياري ڪرڻ وارا ماڻهو عقلمند آهن۔ (احیاء العلوم،۵/۴٧٧تا٤٧٨ ،مترجم، مکتبۃ المدینہ) * جنهن کي موت جي ياد خوفزده ڪندي آهي، قَبر ان جي لاءِ جنت جو باغ بڻجي ويندي آهي. (جمع الجوامع، ۲/۱۴،حدیث:۳۵۱۶) موت جي ياد موت اچڻ کان پهريان ان جي تياري ڪرڻ تي اُڀاريندي آهي. * موت جي ياد اميدن کي گھٽ ڪندي آهي. * موت جي ياد گھٽ روزي تي مطمئن ڪندي آهي. * موت جي ياد دنيا کان بي رغبت ۽ آخرت ڏانهن مائل ڪندي آهي. *


 

 



  باطنی بیماریوں کی معلومات،ص136،