Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

موت جي ياد تازه ٿيندي ۽ هنن رسالن جا آڊيو بيان مولانا محمد الياس قادري ايپ (Maulana Muhammad Ilyas Qadri App) تان ٻڌي به سگھجن ٿا۔

ان جي علاوه قبرستان جي حاضري، غسلِ ميت، ڪفن دفن جي معاملن ۾ شامل ٿيڻ اهو به موت جي ياد ڏياري ٿو.

ہے یہاں سے تجھ کو جانا ایک دن                                                                                           قبر میں ہوگا ٹھکانا ایک دن

منہ خدا کو ہے دکھانا ایک دن                                                                                                                  اب نہ غفلت میں گنوانا ایک دن

ایک دن مرنا ہے آخِر موت ہے                                                                                               کر لے جو کرنا ہے آخِر موت ہے

هاڻي کان تياري ڪري وٺو

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي عقل مند اهو ئي آهي جيڪو موت کان پهريان موت جي تياري ڪندي نيڪين جو ذخيرو گڏ ڪري ۽ سنتن جو مدني ڏيئو قبر ۾ گڏ کڻي وڃي ۽ ائين قبر جي روشني جو انتظام ڪري، نه ته قبر هرگز اهو لحاظ نه ڪندي ته منهنجي اندر ڪير آيو آهي! امير هجي يا فقير، وزير هجي يا ان جو مشير، حاڪم هجي يا محڪوم، آفيسر هجي يا پٽيوالو، سيٺ هجي يا ملازم، ڊاڪٽر هجي يا مريض، ٺيڪيدار هجي يا مزدور جيڪڏهن ڪنهن به آخرت جي تياري ۾ گھٽتائي ڪئي، نمازون گھڻي قدر قضا ڪيون، رمضان شريف جا روزا بنا عذرِ شرعي نه رکيا، فرض هوندي به زڪوٰة نه ڏني، حج فرض هيو پر ادا نه ڪيو، طاقت هئڻ باوجود به شرعي پردو نه ڪرايو، ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪئي، ڪوڙ، غيبت، چغلي جي عادت رهي، فلمون ڊراما ڏسندا رهيا، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌندا رهيا، ڏاڙهي ڪوڙائيندا يا هڪ مُٺ کان گھٽائيندا رهيا۔ مطلب ته تمام گھڻا گناھ ڪندا رهيا ته الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ناراضگي جي صورت ۾ حسرت ۽ ندامت کان سواءِ ڪجھ به هٿ نه ايندو۔

   ان جي برخلاف جيڪڏهن الله پاڪ جي رضا وارن ڪمن ۾ مشغول رهيا،   فرضن سان گڏوگڏ نفلن جي به پابندي ڪئي، رمضان المبارڪ کان علاوه نفلي