Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

موت جي تصور جو  طريقو

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي دنياوي ۽ اُخروي زندگي جي وچ ۾ موت جي وادي رڪاوٽ آهي، جنهن ڏينهن اسان اها وادي پار ڪري ورتي ڪڏهن واپسي نه ٿيندي۔ تنهنڪري موت جي هن پُرخطر وادي کي ياد رکو! جيڪا هر هڪ کي پار ڪرڻي آهي، لهٰذا هن کان غافل نه ٿيو۔ امير اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي رسالي ويران محل جي صفحي نمبر 18 تي موت کي هميشه ياد رکڻ جي باري ۾ فرمائن ٿا :

 ڪامياب ۽ عقلمند اهو ئي آهي جيڪو ٻين کي مرندو ڏسي پنهنجي موت کي ياد ڪري ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ڪري جيئن بُـزُرگانِ دين جو قول آهي ته اَلسَّعِيدُ مَن وُّعِظَ بِغَيرِه يعني: سعادت مند آهي اهو جيڪو ٻين کان نصيحت حاصل ڪري۔ (اتحاف السادة المتقین،کتاب ذ کر الموت وما بعدہ،الباب الاول فی ذکر الموت... ۱۴/۳۲)

ياد رکو! غفلت کان موت کي ياد ڪرڻ سان هيءَ سعادت حاصل نه ٿيندي جو اهڙي طرح ته انسان هميشه جنازا ڏسندو ئي رهندو آهي ۽ ڪڏهن پنهنجن هٿن سان انهن کي قبر ۾ لاهيندو آهي، موت جي تصور جو بهتر طريقو هي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائيءَ ۾ دل کي هر طرح جي دنياوي خيالن کان پاڪ ڪري پوءِ پهريان پنهنجن انهن دوستن ۽ مائٽن کي ياد ڪريو جيڪي وفات ڪري ويا آهن، پنهنجي اوڙي پاڙي ۾ رهڻ وارن فوت ٿيلن مان هڪ هڪ کي ياد ڪريو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ انهن جا چهرا سامهون آڻيو ۽ سوچيو ته اهي ڪيئن دنيا ۾ پنهنجي پنهنجي منصب ۽ ڪم ۾ مشغول، ڊگهيون ڊگهيون اميدون رکي دنياوي تعليم جي ذريعي مستقبل جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪندا هئا ۽ اهڙي ڪمن جي تدبير ۾ لڳل هئا جيڪي شايد سالن تائين به مڪمل نه ٿي سگهن، دنياوي ڪاروبار لاءِ هو طرح طرح جون تڪليفون ۽ ڏکَ برداشت ڪندا هئا، اهي فقط هن دنيا جي لاءِ ئي ڪوششن ۾ مصروف هئا، ان جون آسائشون