Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

تیری طاقت تیرا فن عُہدہ تِرا                       کچھ نہ کام آئے گا سرمایہ ترا

قبر روزانہ یہ کرتی ہے پکار                           مجھ میں ہیں کیڑے مکوڑے بیشمار

یاد رکھ میں ہوں اندھیری کوٹھڑی                  تجھ کو ہوگی مجھ میں سُن وَحشت بڑی

میرے اندر تُو اکیلا آئے گا                        ہاں مگر اعمال لیتا آئے گا

کر لے توبہ رب کی رحمت ہے بڑی                           قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

(وسائلِ بخشش مرمم،ص711)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

موت کي ياد ڪيئن ڪرڻ گھرجي؟

               اميرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عمر بن عبد العزيزرَضِي الله عَنْه هڪ ڀيرو پنهنجي ساٿيءَ کي فرمايو؛ ادا! موت جي ياد منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي آهي، مان سڄي رات جاڳندو رهيس ۽ قبر وارن جي باري ۾ سوچيندو رهيس، اي ڀاءُ! جيڪڏهن تون ٽن ڏينهن کان پوءِ مڙدي کي ان جي قبر ۾ ڏسين ته هڪ ڊگهي عرصي تائين زندگيءَ ۾ ان سان گڏ رهڻ باوجود توکي ان کان وحشت ٿيڻ لڳي ۽ جيڪڏهن تون ان جو گهر يعني ان جي قبر جو اندريون حصو ڏسين جنهن ۾ ڪيڙا هلي رهيا آهن ۽ جسم کي کائي رهيا آهن، پونءِ وهي رهي آهي، سخت بدبوءِ اچي رهي آهي ۽ ڪفن به ڳري چڪو آهي۔ هاءِ! افسوس! غور ته ڪريو! اهو ئي مڙدو جنهن وقت زندھ هو، خوبصورت هو، خوشبو به سٺي استعمال ڪندو هو، ڪپڙا به سٺا پائيندو هو راوي چوي ٿو؛ ايترو چوڻ کان پوءِ سندن تي رِقّت طاري ٿي وئي، هڪ رڙ ڪيائون ۽ بيهوش ٿي ويا۔ (احیاء العلوم، کتاب ذکر الموت وما بعدہ، الباب الاول فی ذکر الموت...الخ،۴/ ۵۴۴)

جب ترے ساتھی تجھے چھوڑ آئیں گے          قبرمیں کیڑےتجھےکھاجائیں گے