Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

هن طرح ٺاهجان ۽ مون کي هن طرح دفن ڪجان پوءِ قبر تيار ڪئي وئي۔ پوءِ ان وٽ ڪفن وڪڻندڙ اچي چوندو آهي: اي بادشاھ! الله پاڪ تنهنجي اصلاح فرمائي! جڏهن تون کان پهريان وارو بادشاھ تخت نشين ٿيو ته ان مرڻ کان اڳ ۾ ئي پنهنجو ڪفن، خوشبو ۽ ڪافُور وغيره خريدي ورتو، پوءِ ڪفن کي اهڙي هنڌ لٽڪايو ويو جتي هر وقت نظر پوندي رهي ۽ موت جي ياد ايندي رهي۔ اي مسلمانن جا امير! اسان جا بادشاھ ته هن طرح موت کي ياد رکندا  آهن۔ رُومي قاصد جي اها ڳالھ ٻڌي حضرتِ سيدُنا عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايو: ڏسو! جيڪو شخص الله پاڪ کان ملڻ جي اميد به نٿو رکي اهو موت کي ڪهڙي طرح ياد ڪري ٿو، ان کي به موت جو ڪيترو فڪر آهي؟ هن واقعي کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  گهڻو بيمار ٿي پيا ۽ انهيء بيماري جي حالت ۾ سندن جو اِنتِقال ٿي ويو۔ (عیون الحکایات،الحکایة التاسعة والتسعون بعد الاربعة،ص۴۲۷)

لگتا نہیں ہے دل  مرا اُجڑے دِیار میں                                                                            کس کی بنی ہے عالمِ ناپائیدارمیں

کہہ دو ان حسرتوں سے کہیں اور جا بسیں         اتنی جگہ کہاں ہے دلِ داغدار میں

کانٹوں کو مت نکال چمن سے او باغباں                                                                یہ بھی گلوں کے ساتھ پلے ہیں بہار میں

عمرِ دراز مانگ کر لائے تھے چار دن                     دو آرزو میں کٹ گئے دو انتظار میں

بلبل کو باغباں سے نہ صیّاد سےگِلہ                   قسمت میں قید لکھی تھی فصلِ بہار میں

دِن زندگی کے ختم ہوئے شام ہو گئی                 پھیلا کے پاؤں سوئیں گے کُنجِ مزار میں

کتنا ہے بد نصیب ظفرؔ دفن کے لیے                 دو گز زمین بھی نہ ملی کُوئے یار میں[1]

 ​هر وقت پنهنجو موت ياد رکون!

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! موت جو وقت مقرر آهي ۽ موت کان ڀڄي به نٿو سگھجي، موت اهڙي حقيقت آهي جو الله پاڪ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام کي جڏهن زمين تي لاٿو انهيءَ وقت فرمائي ڇڏيو:


 

 



عیون الحکایات،ص۳۷۲ ملتقطاً،