Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (ترمذی،ابواب العلم،ص ۶۳۰، حدیث:۲۶۷۸)

تيل وجھڻ ۽ ڪنگھي ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب

اچو!شَيخِ طَرِيقَت،اَميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مَدَني گل“مان تيل لڳائڻ جون سُنّتون ۽ آداب ٻڌون ٿا: * حضرت سيِّدُنا اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: الله عَزَّوَجَلَّ جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مٿي مبارڪ ۾ اڪثر تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي ۾ ڪنگھي ڪندا هئا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو(يعني سربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان تَر رهندو هو. (الشمائل المحمديه للترمذي ص 40) مٿي ۽ ڏاڙهي جا وار صابڻ وغيره سان ڌوئڻ جنهن جو معمول ناهي هوندو انهن جي وارن ۾ اڪثر ڌپ ٿي ويندي آهي پاڻ کي جيتوڻيڪ ڌپ نه ايندي هجي پر ٻين کي ايندي آهي. وات، بدن ۽ لباس وغيره مان ڌپ ايندي هجي ته انهيء حال ۾ مسجد ۾ وڃڻ حرام آهي جو هن سان ماڻهن ۽ فِرشتن کي ايذاء ٿيندو آهي، ها ڌپ لڪيل هجي جيئن بغل جي ڌپ وغيره ته انهيءَ ۾ حرج ناهي. * وارن ۾ تيل جو گھڻو استعمال خاص ڪري عِلم حاصل ڪرڻ وارن لاءِ مفيد آهي جو هن سان مٿي ۾ خشڪي ناهي ٿيندي، دماغ تَر ۽ حافظو قوي ٿيندو آهي. * حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن بنا بِسمِ الله پڙهي تيل لڳايو ته 70 شيطان ان ۾ شريڪ ٿي ويندا آهن. (عمل اليوم والليلة لابن السني ج 1 ص 327 حديث 173) * تيل لڳائڻ کان پهرين  بِسۡمِ اللهِ الرَّحمٰنِ الرَّحِيمِ پڙهي شيشي وغيره سان کاٻي هٿ