Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

موت جي ياد کان غفلت انسان لاءِ تمام گھڻن نقصانن جو سبب ٿيندي آهي۔ * موت جي ياد کان غفلت انسان کي موت کان بي پرواھ ڪري ڇڏيندي آهي قبر و آخرت جي ياد وساري ڇڏيندي آهي۔ * موت جي ياد کان غفلت انسان کي آخرت ۾ پنهنجي عملن جي حساب ۽ ميدانِ محشر جي سختين کي وساري ڇڏيندي آهي۔ * موت جي ياد کان غفلت انسان کي دِين تي عمل کان پري ڪندي ۽ شريعت جي پيروي کان محروم ڪندي آهي۔ * موت جي ياد کان غفلت انسان کي چڱي بُري جي تميز کان آجو ڪندي آهي ۽ انسان جي نظرن ۾ غلط ۽ صحيح جو فرق مٽائي ڇڏيندي آهي. * موت جي ياد کان غفلت انسان کي فرض نماز جي ادائيگي کان محروم ڪندي آهي ۽ واجبات کي ادا ڪرڻ کان روڪيندي آهي. * موت جي ياد کان غفلت سنّتن تي عمل ۾ رُڪاوٽ بڻجندي آهي ۽ انسان کي ان جي مقصدِ حقيقي کان هٽائي فضول ڪمن ۾ مبتلا ڪندي آهي۔ لهٰذا هر وقت پنهنجي موت کي ياد رکو ۽ ان جي تياري جي لاءِ ڪوشش ڪندا رهو، جيڪڏهن موت کي ياد رکنداسين ته اِنْ شَآءَ الله هر طرح جي هلاڪت جي مقام کان ڇوٽڪارو ملندو، دين و ايمان سلامت رهندا، اِتباع سنت جي سعادت به نصيب ٿيندي ۽ گناهن کان تحفظ به حاصل ٿيندو۔

دِلا غافل نہ ہو یکدم، یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                                                                     بغیچے چھوڑ کر خالی، زمیں  اندر سمانا ہے

تو اپنی موت کو مت بھول، کر سامان چلنے کا                                                    زمیں کی خاک پر سونا ہے، اینٹوں کا سرہانا ہے

جہاں کے شَغْل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل                                                             کرے دعویٰ کہ یہ دنیا، مِرا دائم ٹھکانا ہے

غلامؔ اک دَم نہ کر غفلت، حیاتی پر نہ ہو غُرَّہ                                                                          خداکی یاد کر ہر دم، کہ جس نے کام آنا ہے

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هر هر گناهن کان توبه ڪريو!

               پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! * هن کان پهريان جو اسان به سڪرات جي دَردناڪ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃون، روح نڪرڻ جي تڪليف سبب اسان جو