Book Name:Maut Ki yad Kay Fazail

وَ لَكُمْ فِی الْاَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَّ مَتَاعٌ اِلٰى حِیْنٍ(۳۶) (پ۱،البقرة:۳۶)

ترجمو ڪنز الايمان: توهان کي هڪ وقت تائين زمين ۾ رهڻو ۽ نفعو وٺڻو آهي

۽ موت اهڙو يقيني آهي جو الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ هن کي لفظِ يقين سان گڏ بيان فرمايو آهي؛

وَ اعْبُدْ رَبَّكَ حَتّٰى یَاْتِیَكَ الْیَقِیْنُ۠(۹۹) (پ۱۴،الحجر:۹۹)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ پنهنجي رب جي عبادت ڪندو رھ مرڻ جي گهڙي اچڻ تائين.

۽ منهنجي رب جي شانِ ڪريمي آهي جو هو روزانو اسان کي مٺڙي ننڊ سُمهاري ۽ ننڊ مان بيدار فرمائي موت جي ياد  ڏياري ٿو، الله پاڪ سيپاري 24 سُورَه زُمَر  آيت نمبر42 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اَللّٰهُ یَتَوَفَّى الْاَنْفُسَ حِیْنَ مَوْتِهَا وَ الَّتِیْ لَمْ تَمُتْ فِیْ مَنَامِهَاۚ-فَیُمْسِكُ الَّتِیْ قَضٰى عَلَیْهَا الْمَوْتَ وَ یُرْسِلُ الْاُخْرٰۤى اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّىؕ-اِنَّ فِیْ ذٰلِكَ لَاٰیٰتٍ لِّقَوْمٍ یَّتَفَكَّرُوْنَ(۴۲) (پ۲۴،الزمر:۴۲)                

ترجمو ڪنز الايمان: الله وفات ڏي ٿو ساهن کي انهن جي موت جي وقت ۽ جيڪي نه مرن انهن کي ننڊ ۾ پوءِ جنهن تي موت جو حڪم فرمائي ڇڏيائين ان کي روڪي ٿو ۽ ٻي کي هڪ مقرر مدت تائين ڇڏي ڏي ٿو بيشڪ ضرور ان ۾ نشانيون آهن سوچڻ وارن جي واسطي.

موت کان ڀڄڻ ممڪن ناهي ڇوته موت جو اچڻ يقيني آهي، ڪو به هن کان بچي نٿو سگھي۔ الله پاڪ سيپاري 28 سُورَه جُمُعَه آيت نمبر8 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِیْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِیْكُمْ  (پ۲۸،الجمعة:۸)

ترجمو ڪنز الايمان:  تون فرماءِ: اهو موت جنهن کان توهان ڀڄو ٿا اهو ته ضرور توهان کي ملي رهندو.