Book Name:Walion K Sardar

واسطي پنهنجو مدرسو سندن حوالي ڪيو جنهن جي ذِمَّه داري وڏي خوش مزاجي سان پاڻ نه صرف قبول ڪئي بلڪ مسندِ تدريس کي رونق بخشي علوم و فنون جي اڃايلن کي سيراب ڪرڻ لڳا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 91 سالن جي عمر 561 هجري ۾ بغداد شريف ئي ۾ وصال فرمايو، سندن مزارِ پُراَنوار عراق جي مشهور شهر بغداد شريف ۾ آهي۔([1])

غوثِ پاڪ جو شان ۽ عظمت

   الله پاڪ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي وڏي شان سان نوازيو هو۔ غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ پيدائشي طور تي الله ڪريم جا ولي هئا۔ ([2]) غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ پيدا ٿيندي ئي روزو رکيائون، سحري مهل کير پيئندا هئا ۽ پوءِ غروبِ آفتاب تي روزو افطار ڪندا هئا۔ غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو پنج (5) سالن جي عمر ۾ بِسْمِ الله پڙهڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ته پاڻ تَعَوُّذْ (اَعُوْذُبِالله مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجِيم) ۽ تَسْمِيه (بِسْمِ الله الرَّحْمٰنِ الرَّحِيم) کان پوءِ 18 سيپارا زباني ٻڌائي ڇڏيا ۽ فرمايائون: منهنجي امڙ (رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها) کي به ايترا ئي سيپارا ياد ها، اهي منهنجي ولادت جي زماني ۾ پڙھنديون هيون ته مون امڙ جي پيٽ ئي ۾ ٻڌي ياد ڪري ورتا۔([3]) غوثِ پاڪ جو شان اهو هو جو پاڻ 40 سال تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي، پندرهن (15) سالن تائين عشاء کان پوءِ هڪ پير تي بيهي قرآنِ ڪريم ختم ڪيو ۔([4]) غوثِ پاڪ جو شان اهو آهي جو جڏهن بي وضو هوندا هئا ته انهيء وقت وضو ڪري 2 رڪعتون نفل نماز پڙهي وٺندا هئا. غوثِ پاڪ جو شان اهو آهي جو پاڻ تمام گهڻي عبادت و رياضت ۽ قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا هئا، 15 سالن تائين سڄي رات ۾ هڪ قرآنِ


 

 



[1]… بهجةالاسرارومعدن الانوار، ذکرنسبہ وصفتہ، ص۱۷۱

[2]… تفریح الخاطر،ص۵۸،مفہوماً

[3]رسالہ منّے کی لاش،ص۴

[4]غوث پاک کے حالات، ص۳۲