Book Name:Walion K Sardar

توهان جي سپرد ڪيو جيئن چاهيو ڪيو۔ توهان جو مقبول منهنجو مقبول۔ توهان جو رد ڪيل مون وٽ به رَد ڪيل آهي۔ ان کان پوءِ سرڪار غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان کي منهن ڌوئڻ جو حڪم ڏنو ته الله پاڪ ان جو نالو بدبختن مان مٽائي خوش بختن جي فهرست ۾ لکي ڇڏيو۔ الله پاڪ جي بارگاھ مان خطاب ٿيو۔ اي عبدُالقادِر اسان توکي عدل ۽ انصاف جا اختيارات عَطا ڪيا آهن۔ توهان جو مقبول اسان جي بارگاھ ۾ مقبول آهي۔ جيڪڏهن توهان وٽ ڪنهن جي ڪا عزت ناهي ته اسان جي بارگاھ ۾ به ان جي عزت نه آهي ۔[1]

اچو! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شان ۾ گڏجي نعرا لڳايون ٿا!

سُلطانِ ولایت         غوثِ پاک                 دریائے کرامت            غوثِ پاک

ولیوں پہ حکومت       غوثِ پاک                 فرماؤحمایت                  غوثِ پاک

* مرحبا یا غوثِ پاک * مرحبا یا غوثِ پاک * مرحبا یا غوثِ پاک

اي عاشقانِ غوث اعظم! بيان ڪيل واقعي مان خبر پئي ته ربِّ ڪريم اسان جي غوثِ پاڪ کي وڏي شان ۽ وڏي عَظَمَت سان نوازيو هو۔ * غوثِ پاڪ جي دُعا سان تَقدِيرون بدلجي وينديون آهن. * غوثِ پاڪ جي دُعائن سان بِگڙيل ڪم سَنوَرجي ويندا آهن. * غوثِ پاڪ جي دُعا جي برڪت سان ايندڙ مصيبتن کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي. *غوثِ پاڪ دُعا ڪن ته بيداري ۾ ٿيڻ وارو قتل خواب ۾ تبديل ٿي ويندو آهي۔*  غوثِ پاڪ دعا ڪن ته چور ولايت ۽ قُطب جي منصب تي فائز ٿي ويندو آهي۔ پاڻ بغداد ۾ رهندي بلند آواز ۾ نعرو لڳائن ته پري ڪنهن جنگل ۾ موجود سندن مُريد ان کي ٻڌي وٺن۔ * غوثِ پاڪ بغداد شريف ۾ رهندي پنهنجي مُريدن کي ڌاڙيلن کان بچايو ۽ پنهنجي جُتي سان انهن کي هلاڪ ڪيو۔ غوثِ پاڪ بغداد شريف ۾


 

 



[1]... تفریح الخاطر فی مناقب الشیخ عبدالقادر متر جم،ص76 ملخصاً