Book Name:Walion K Sardar

* غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪثرتِ عبادت جا معمولات * ۽ ان جي علاوه فيضانِ غوثِ اعظم سان مالامال مفيد معلومات ٻڌڻ جي سَعَادَت حاصِل ڪنداسين. اِنْ شَــآءَالـلّٰـه 

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مردُود کي مقبول بڻائي ڇڏيو

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زماني ۾ هڪ وَلِيِ ڪامِل کي وِلايت کان مَحرُوم ڪيو ويو۔ يعني ان جي ولايت کَسِي وئي ۽ ماڻهو ان کي مردود چوڻ لڳا۔ ان پنهنجي زماني جي ٽي سو سٺ (360) اولياءِ ڪاملين کان پنهنجي وِلايت جي واپسي جي لاءِ دُعا ڪرائي، سڀني ان جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا ڪئي پر مُراد حاصل نه ٿي۔ اولياءِ ڪرام مان ڪن ان جو نالو جڏهن لوحِ مَحفُوظ تي بدنصيبن جي فهرست ۾ لکيل ڏٺو ته ان کي چيائون هاڻي توهان ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگھندؤ۔ ان کان پوءِ ان جو چهرو ڪارو ٿي ويو۔ هو پريشاني جي حالت ۾ ولين جي سلطان حضرت سَيدُنا غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت اَقدَس ۾ حاضِر ٿيو ۽ پنهنجو سڄو قِصو ٻڌايائين۔ ولين جي سردار حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اچو جيڪڏهن توهان مردود ٿي ويا ته ڇا ٿي پيو۔ مان توکي الله پاڪ جي حڪم سان مقبول بڻائي سگھان ٿو۔ ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي لاءِ دُعا گھري۔ ته الله پاڪ جي طرفان جواب آيو: اي عبدُالقادِر! ڇا توهان کي خبر ناهي ته ٽي سؤ سٺ ڪامل اولياء هن جي لاءِ دعا ڪري چڪا آهن، مان انهن جي دُعا کي قبول نه ڪيو۔ ڇوته ان جو نالو لوحِ مَحفوظ ۾ بد بخت لکجي چڪو آهي۔ غوث پاڪ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا الله تون ته رد ڪيل کي مقبول ۽ مقبول کي رَد ڪيل بنائڻ تي قادِر آهين۔ اي منهنجا ڪريم الله جيڪڏهن تنهنجو اهو ئي ارادو آهي ته اهو شخص مردود ئي رهي ته مون کي ان جي مقبول بنائڻ جي دعا ڪرڻ جي توفيق ڇو عَطا ڪئي۔ الله پاڪ جي طرفان جواب آيو۔ اي عبدُالقادِر اسان ان کي