Book Name:Walion K Sardar

هِراس ڦهلجي ويو، پر سرڪارِ بغداد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي جڳهه تان نه هٽيا، نانگ سندن ڪپڙن ۾ گهڙي ويو ۽ پوري جسم مبارڪ ۾ وڪڙ هڻي ڳچي مبارڪ مان ٻاهر نڪتو ۽ گردن مبارڪ ۾ وڪڙ هڻي ويهي رهيو. پر قربان وڃجي! منهنجي مرشد شهنشاههِ بغداد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تان جو ذري برابر به نه گهٻرايائون نه ئي بيان بند ڪيائون، پوءِ نانگ زمين تي آيو ۽ پُڇ تي بيهي رهيو ۽ ڪجهه چئي ڪري هليو ويو، ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ عرض ڪيائون: سائين! نانگ توهان کي ڇا چيو؟ ارشاد فرمايائون: نانگ چيو: مون تمام گهڻن اولياءَالله کي آزمايو پر توهان جهڙو ڪنهن کي نه ڏٺو۔([1])

واہ کیا مرتبہ اے غوث ہے بالا تیرا                اُونچے اُونچوں  کے سروں  سے قدم اعلیٰ تیرا

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اهو ڪو عام نانگ نه هو بلڪ نانگ جهڙو جِنّ هو جنهن اسان جي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو امتحان وٺڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ثابِت قَدَم رهيا۔

 وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو

 

انهيءَ نانگ جهڙي جنّ جي ٻي خوفناڪ حڪايت ٻُڌو! جيئن ته

 حضور شهنشاھ بغداد سرڪارِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان جامع منصور ۾ نماز پڙهي رهيو هيس ته اهو ئي نانگ اچي نڪتو ۽ ان منهنجي سجدي جي جڳهه تي مٿو رکي ڪري وات کولي ڇڏيو، مون ان کي هٽائي ڪري سجدو ڪيو پر اهو منهنجي گردن ۾ وڪڙ هڻي ويهي رهيو پوءِ اهو منهنجي هڪ ٻانهن ۾ گهڙي ڪري ٻي ٻانهن مان نڪتو، نماز مڪمّل


 

 



[1]… مُلَخَّص ازبَہجة الاسرارلِلشَّطنوفی ص۱۶۸