Book Name:Walion K Sardar

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ   يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  

1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُ الله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ولين جا سردار جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين. * ولين جي سردار حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دُعا سان هڪ ڪامل ولي شخص کي بدبختن جي فهرِست مان ڪڍي خوش بختن جي فهرست ۾ ڪيئن ٻيهر شامل ڪيو ويو۔ * سرڪارِغوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو تعارف * سندن شان وعظمت * غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه شيطان جي وار کي ڪيئن ناڪام بڻائي ڇڏيو * غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قبر واري جي ڪيئن مدد ڪئي؟ * پير تي اعتراض ڪرڻ ڪيئن؟ * غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي شانِ ولايت