Book Name:Walion K Sardar

ئي مسجد جو رُخ ڪندا آهن پر ڪي هن سعادت کان به محروم نظر ايندا آهن۔ * غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سڄي زندگي پنهنجي نانا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جي پيروي ۾ گذاري جڏهن ته اسان فيشن جا شوقين دنيا جي رنگينين جا مَستانا آهيون۔ مطلب ته! اسان جو حال اهو ٿي ويو آهي جو اسان زندگي کي راند روند سمجھي ورتو آهي ۽ پنهنجي اسلاف جي طريقي کان گھڻا پري ٿي ويا آهيون، اسان کي گھرجي ته اڄ ملندڙ انهن ڪجھ پساهن کي غنيمت سمجھون ۽ خوابِ غفلت کان بيدار ٿي عبادت ۾ زندگي گذاريون۔

عِبَادَت  میں گزرے مری زندگانی                              کرم ہو کرم یاخدا! یاالٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                               گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی! ([1])

عبادتِ الٰهي جون برڪتون

ياد رکو! الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ دل ۾ محبتِ الٰهي جي پيدا ٿيڻ جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شيطان جي چَنبي مان نڪرڻ جو طريقو آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ قُربِ الٰهي ماڻڻ جو باعث آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ گناهن جي مرض کان شفا ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ الله پاڪ جي ڪثرت سان  عبادت ڪرڻ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام جو طريقو آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهمْ اَجْمَعِين جو طريقو آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ظاهر وباطن جي اصلاح جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ رُوح جي تازگي جو سبب آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ دلين جي اطمينان جو سبب آهي۔ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ شريعت کي مطلوب آهي، الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ هر مؤمن تي حق آهي ۽ الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ انسان جي پيدا ڪرڻ جو مقصد آهي۔ ۽ الله پاڪ ئي جي عبادت ڪرڻ جو حڪم آهي


 

 



[1] وسائلِ بخشش مرمم، ص۱۰۵