Book Name:Walion K Sardar

هٿوهٿ اسان سان گڏ آيا، مسجد اچي اسان سان گڏ نماز پڙهڻ ۽ۡ بيان ٻُڌڻ جي سعادت حاصل ڪيائون، اسان جي انفرادي ڪوشش تي انهن ان مسجد کي آباد ڪرڻ جي نيّت ڪئي، اهو منظر ڏسي اتي موجود هڪ بزرگ روئڻهارڪو ٿي فرمائڻ لڳو، مان ته ماڻهن کي مسجد آباد ڪرڻ جي لاءِ گھڻو چوندو رهندو هيس پر منهنجي ڪو به نه ٻڌندو هو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اڄ عاشقانِ رسول جي مدني قافلي جي برڪت سان اسان جي مسجد آباد ٿي وئي آهي۔

نہ نیکی کی دعوت میں سُستی ہو مجھ سے                                                 بنا    شائقِ       قافِلہ     یاالٰہی

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

جانشينِ عطار جي ايپ(Application) جو تعارف

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ سنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ ڪم و بيش 100 شعبن (Departments) ۾ مدني ڪم ڪري رهي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ (I.T Department) عاشقانِ رسول جي لاءِ تمام گھڻيون موبائل ايپلي ڪيشنز (Applications) جاري ڪيون آهن۔ انهيء سلسلي تحت جانشينِ امير اهلسنت حضرت مولانا عبيد رضا عطاري مدني دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي نالي سان به هڪ ايپ (Application) بڻائي وئي آهي۔ جنهن جو نالو آهي: الحاج عبيد رضاعطاري (Al Haaj Ubaid Raza Attari) هن ۾ جانشينِ امير اهلسنت جا بيان، شارٽ ڪلپ، مختلف تنظيمي مصروفيات، مدني چينل ريڊيو، ڪلپ وغيره جي ڊاؤن لوڊنگ (Downloading) ۽ سرچ (Search) جي سهولت شامل ڪئي وئي آهي۔ اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪريو ۽ هن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪريو۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد