Book Name:Walion K Sardar

ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مون سلام ورايو ته اهو غائب ٿي ويو. ٻي ڏينهن جڏهن مان وري انهيءَ مسجد ۾ داخل ٿيس ته مون کي هڪ وڏين وڏين اکين وارو ماڻهو نظر آيو، مون ان کي ڏسي ڪري اندازو لڳايو ته هي شخص انسان نه بلڪ ڪو جِنّ آهي، اهو جِنّ مون کي چوڻ لڳو ته مان اوهان کي تنگ ڪرڻ وارو اهو ئي نانگ آهيان، مون نانگ جي صورت ۾ تمام گهڻن اولياءَ الله رَحِمَهُمُ اللّٰهُ  کي آزمايو آهي پر توهان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙو ڪنهن کي به ثابت قدم ناهي ڏٺو، پوءِ اهو جِنّ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ تي تائب ٿي ويوـ ([1])

ہوئے دیکھ کر تجھ کو کافر مسلماں                                      بنے سنگدل موم ساں  غوثِ اعظم([2])

مختصر وضاحت: اي منهنجا غوثِ پاڪ اوهان جو شان اهو آهي جو اوهان کي ڏسي ڪافر مسلمان ٿي ويا ۽ جن جون دليون پٿر جيان سخت هيون، انهن جون دليون ميڻ جيان نرم ٿي پيون۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي مرشِدِ ڪامِل، سرڪارِ بغداد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڪيڏو نه بلند شان آهي! افسوس! هڪ اسان جي نماز آهي جو اسان تي مَک به ويهي رهي ته پريشان ٿي وڃون، معمولي خارِش به اسان کان برداشت ناهي ٿيندي۔ جڏهن ته اسان جا غوثِ پاڪ نماز ائين ادا ڪن جو نانگ جي شڪل ۾ ايندڙ جنّ به سندن نماز ۾ رڪاوٽ نه وجهي سگھي۔

خُشُوع جي تعريف

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! نماز ۾ خشوع مُستَحَب آهي۔[3] ۽ الله پاڪ


 

 



[1]… بَہجة الاسرار ص۱۶۹

[2]…    قبالہ بخشش،ص36

[3]... عمدۃ القاری ج ۴ ص ۳۹۱ تحتَ الحدیث ۷۴۱