Book Name:Walion K Sardar

عبادت گذار خاتون مون کي چڱي طرح ياد آهي. نماز جي حالت ۾ وڇونءَ ان کي چاليهه ڏنگ هنيا پر ان جي حالت ۾ ٿورو به فرق نه آيو. جڏهن اها نماز کان فارغ ٿي ته مون چيو: امان! هن وڇونءَ کي اوهان هٽايو ڇو نه؟ جواب ڏنائين: صاحبزاده! اڃان تون ٻار آهين، اهو ڪيئن مناسب هو! جڏهن مان پنهنجي رب جي ڪم ۾ مشغول هيَس ته پنهنجو ڪم ڪيئن ڪريان هان؟[1]

اي عاشقانِ رسول! خشوع و خضوع سان نماز پڙھڻ جي فضيلت، نماز پڙھڻ جي ثواب، پنجن نمازن جي فضيلتن، جماعت جي فضيلتن، مسجد جي فضيلتن، سجدن جي فضيلتن، نماز نه پڙھڻ جا عذابات، عاشقانِ نماز جي 86حڪايتن ۽ نماز بابت کوڙ ساري معلومات جي لاءِ اميرِاهلسنت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانامحمدالياس عطار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي تمام ئي پياري ڪتاب فيضانِ نماز جو مطالعو ڪريو۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

قبر واري جي مدد فرمائي

          پيرن جي پير، روشن ضمير، شيخ عبدُالقادِر جِيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري هڪ قبرِستان ۾ پنهنجي استاذِ محترم حضرتِ سيدُنا شيخ حَمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار شريف تي علماء ۽ فقراءَ جي قافلي سان گڏ تشريف کڻي آيا ۽ ڪافي دير تائين بيٺي بيٺي دعا فرمائيندا رهيا، ايتري تائين جو اُس تمام گھڻي تيز ٿي وئي. جڏهن موٽيا ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ چهري تي خوشيءَ جا آثار هئا. جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان ايتري قـدر ڊگهي دعا جو سبب پُڇيو ويو ته فرمايائون: جمعي جي ڏينهن نماز ادا ڪرڻ لاءِ منهنجي استاد سيّدنا شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ هڪ قافلو وڃي رهيو هو، رستي ۾ هڪ نهر جي پُل وٽان جڏهن لنگهياسين


 

 



[1]... کشف المحجوب ص ۳۳۲