Book Name:Walion K Sardar

گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي گھر ۾ اچڻ وڃڻ جون سنتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:

* جڏهن گهران ٻاهر نڪرو ته هي دعا پڙهو؛ :بِسْمِ الله تَوَکلْتُ عَلَي الله لَاحَوْلَ وَلَا قُوَّۃَ اِلَّا بِالله ترجمو؛ الله جي نالي سان، مون الله تي ڀروسو ڪيو۔ الله کان سواءِ  نه  قوت آهي ۽ نه طاقت آهي۔([1]) اِنْ شَــآءَالـلّٰـه انهيءَ دعا کي پڙهڻ جي برڪت سان سڌي واٽ تي رهندؤ، مصيبتن کان حفاظت ٿيندي ۽ الله پاڪ جي مدد شاملِ حال رهندي  *گهر ۾ داخل ٿيڻ جي دعا؛ اَللّٰھُمَّ اِنِّیْٓ اَسْئَلُکَ خَیْرَ الْمَوْلَجِ وَخَیْرَ الْمَخْرَجِ بِسْمِ اللهِ وَلَجْنَا وَبِسْمِ اللهِ خَرَجْنَا وَعَلَی اللهِ رَبِّنَا تَوَکَّلْنَا۔ ترجمو؛ اي الله! آئون تو کان داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ جي ڀلائي گهران ٿو، الله پاڪ جي نالي سان اسان (گهر۾) داخل ٿياسين ۽ انهيءَ جي نالي سان ٻاهر آياسين ۽ پنهنجي رب ڪريم تي اسان ڀروسو ڪيوسين ([2]) دعا پڙهڻ کانپوءِ گهر وارن کي سلام ڪري پوءِ بارگاھِ رسالت ۾ سلام عرض ڪري ان کان پوءِ ”سوره اِخلاص“ شريف پڙهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه روزي ۾ برڪت، ۽ گهريلوجهيڙن کان بچاءُ ٿيندو۔ * جيڪڏهن اهڙي گهر (ڀلي پنهنجي خالي گهر) ۾ وڃڻ ٿئي جو اُن ۾ ڪو به نه هجي ته هيئن چئو: اَلسَّلَامُ عَلَیْنَا وَعَلٰی عِبَادِ اللهِ الصّٰلِحِیْن (يعني اسان تي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن تي سلام) ملائڪ انهيءَ سلام جو جواب ڏيندا۔([3]) يا هن ريت چوي: اَلسَّلَامُ عَلَیْکَ اَیُّـھَاالنَّبِیُّ (يعني  يا نبي توهان تي سلام) ڇوته حضور اڪرمصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو روح مبارڪ مسلمانن جي گهرن ۾ تشريف فرما هوندو آهي۔([4]) * جڏهن ڪنهن جي گهر ۾ داخل ٿيڻ چاهيو ته هيئن چئو؛ اَلسَّلامُ عَلَیْکُم ڇا مان اندر اچي سگھان ٿو؟ * جيڪڏهن داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ته خوشي سان موٽي وڃو، ٿي


 

 



[1] ابو داود،۴/۴۲۰،حدیث:۵۰۹۵

[2] ابوداود،۴/۴۲۰،حدیث:۵۰۹۶

[3] رَدُّالْمُحتار،۹/ ۶۸۲

[4] بہارِشريعت،حصّہ۶ا ص۹۶،شرح الشّفاء للقاری،۲/۱۱۸