Book Name:Walion K Sardar

مرشد جي مخالفت ڪري پنهنجي آخرت کي خطري ۾ وجهي جيئن ته اسان جي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي استاد گرامي کين سخت سرديءَ ۾ نهر ۾ ڪيرائي ڇڏيو، پوءِ بـه پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه صبر سان گڏوگڏ جمعي جي غسل جي نِيَّت به فرمائي ورتي ۽ زبان تي شڪايت جو هڪ لفظ به نه آندائون.

پير تي اعتِراض بربادي جو ڪارڻ آهي

يقينًا جيڪو ديني طالبِ علم پنهنجي اسلامي استاد تي ۽ جيڪو مريد پنهنجي مرشد تي اعتراض ڪندو آهي، اهو علم ۽ مَعرِفت جي فيضان کان محروم رهندو آهي بلڪ هلاڪت جي اونِهي کڏ ۾ وڃي ڪِرندو آهي. جيئن ته منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:پيرن تي اعتراض کان بچي، ڇاڪاڻ ته هي مريدن لاءِ زهرِ قاتل آهي. اهڙا مريد گهٽ ئي هوندا جيڪي پنهنجي مرشد تي اعتراض ڪن پوءِ به فلاح (يعني ڪاميابي) ماڻين، شيخ جي تصرّف مان جيڪي ڪجهه ان کي صحيح معـلوم نـه ٿـينـدا هـجـن، انهن ۾ خضر عَليه السَّلام جي واقعن کي ياد ڪري، ڇو ته انهن کان اهي ڳالهيون ظاهر ٿينديون هيون بظاهر جن تي سخت اعتراض هو (جيئن مسڪينن جي ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪري ڇڏڻ، بي گناهه ٻار کي قتل ڪري ڇڏڻ) پوءِ جڏهن هو ان جو سبب ٻُڌائيندا هئا ته ظاهر ٿي ويندو هو ته حق اهو ئي هو جيڪو پاڻ چيائون، ائين ئي مريد کي يقين رکڻ گهرجي ته شيخ جو جيڪو ڪم مون کي صحيح معلوم نه ٿو ٿئي، شيخ وٽ ان جي صحيح هئڻ تي قطعي دليل آهي.

          حضرت سيّدُنا امام ابوالقاسم قُشيري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رسالہءِ قُشيريہ ۾ فرمائن ٿا: مون حضرت سيّدُنا ابو عبد الرحمٰن سُلَمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي فرمائيندي ٻُڌو، ته انهن کي پنهنجي مرشد ابوسَهل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: جيڪو پنهنجي مرشد سان ڪنهن ڳالهه ۾“ڇو !” چوندو، ڪڏهن ڪاميابي نه ماڻيندو.([1])


 

 



[1]… رسا لہ قُشیریہ ص۲۷۶ و فتاوٰی رضویہ ج۲۱ص۵۱۰ تا ۵۱۱