Book Name:Walion K Sardar

”تفسير صراط الجنان“ جلد 6 صفحي 496 تي آهي: ايمان وارا خشوع ۽ خضوع سان نماز ادا ڪندا آهن، ان وقت ان جي دلين ۾ الله ڪريم جو خوف هوندو آهي ۽ انهن جا عضوا بيٺل پُرسڪون هوندا آهن. [1]

 

اسان جي پياري آقا ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نماز جو عالم اهو هو جو اُمُّ المومنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صِدِّيقه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها فرمائن ٿيون: رحمتِ عالم، محبوب ربِ اعظم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان کان ۽ اسان سندن سان گفتگو ڪري رهيا هوندا هئاسين پر جڏهن نماز جو وقت ٿيندو هو ته اسان سان ائين ٿي ويندا هئا جو ڄڻ پاڻ اسان کي نٿا سڃاڻن ۽ اسان سندن کي نٿا سڃاڻون۔[2] حضرت سيدُنا ابراهيم خَلِيلُ الله عَلَيه السَّلَام جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته سندن دل جي ڌڙڪن 2 مِيل جي فاصلي تان ٻڌڻ ايندي هئي۔[3]بعض صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي نماز ۾ حالت اهڙي هوندي هئي جو اهي رُڪوع ۾ ايترا پُرسڪون هوندا هئا جو انهن تي جھرڪيون ويهي رهنديون هيون ڄڻ اهي بي جان شين مان آهن۔[4] جڏهن ته بعض صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن ماڻهو نماز واري ڪيفِيت تي اٿاريا ويندا يعني نماز ۾ جنهن کي جيترو اطمينان ۽ سُڪون حاصل ٿيندو آهي انهيءَ جي مطابق انهن جو حشر(يعني اٿاريو وڃڻ) ٿيندو۔[5]

نماز دوران وڇون 40 ڏنگ هنيا

حضرت سيدُنا عبدالله بن مبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ننڍپڻ ۾ ڏٺل هڪ


 

 



[1]... تفسیرکبیر ج۸ ص۲۵۸، روح البیان ج۶ص۶۶ ملتقطا

[2]... احیاء العلوم ج۱ص ۲۰۵

[3]... الجامع لاحکام القرآن، پ۱۱، سورۃ براء ۃ، تحت الآیۃ:۱۱۴، ج۸، ص۱۵۹۔

[4]... احیاء العلوم ج۱ص۲۲۸،۲۲۹

[5]... احیاء العلوم ج۱ص،۲۲۲