Book Name:Walion K Sardar

رهندي مشڪل ۾ ڦاٿل پنهنجي مريدن کي مصيبت مان نجات ڏياري۔ الله اَڪبَر! بارگاھ الٰهي ۾ سندن شان ۽ مقبولِيت جي ڇا ڳالھ ڪجي؟ جو سندن نَظرِ عنَايت ۽ دُعا جي بَرَڪت سان ولايت کان محروم ٿيندڙ کي ٻيهر مقبول ماڻهن جي بارگاھ ۾ شامل ڪيو ويندو آهي۔

عاشقِ غوثِ اعظم، اميرِ اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ بارگاھ غوثيت ۾ عرض ڪن ٿا:

رونقِ کل اولیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر                                               پیشوائے اَصفیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر

آپ ہیں پیروں کے پیراورآپ ہیں روشن ضمیر                                      آپ شاہِ اَتقیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر

اولیاء کی گردنیں ہیں آپ کے زیرِ قدم                                                                 یاامامَ الاولیا یاغوثِ اعظم دَسْتْگِیر([1])

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ولين جي سردار جو مختصر تذڪرو

  سرڪارِ بغداد حضورِ غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو مبارڪ عبدُالقادر ۽ ڪنيت ابُومحمد آهي۔ پاڻ 470 هجري ۾ بغدادشريف جي ويجھو ڳوٺ ”جيلان ۾ پيدا ٿيا۔ پاڻ ابتدائي تعليم جيلان۾ حاصِل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ سن 488 هجري ۾ بغداد آيا ۽ علمِ دِين حاصِل ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويا۔ طالبِ علمي جي دور ۾ سخت فاقه، آرام جي ڪمي، جنگلن ۾ رهڻ اهو سڀ دشوار گزار مرحلن مان به گذرڻو پيو پر علم حاصل ڪرڻ جو جذبو گھٽ نه ٿيو۔ وڏي محنت و مَشَقَّت سان علم حاصل ڪندا رهيا ۽ جڏهن علم حاصل ڪري فارغ ٿيا ۽ سندن علمي قابليت جو چرچو پري پري تائين پهتو ته سندن استاذ و مرشِدِ گرامي حضرت سَيدُنا شيخ ابوسَعد مُخَرِّمِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه درس و تدريس جي


 

 



[1] وسائل بخشش،ص۵۴۷