Book Name:Walion K Sardar

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪرامت جي تعريف

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪڏهن ڪڏهن انسان اولياء جي ڪرامتن جي مُعامَلي ۾ شيطان جي وَسوَسي ۾ اچي ڪرامتن کي عقل جي ساهمي ۾ تورڻ لڳندو آهي، ۽ اهڙي طرح گمراھ ٿي ويندو آهي۔ ياد رکو! ڪرامت چوندا ئي ان خلافِ عادت ڳالھ کي آهن جيڪا عادتاً مُحال يعني ظاهري اسباب جي ذَرِيعي ان جو هئڻ ناممڪن هجي پر الله پاڪ جي عطا سان اولياءِ ڪرام سان اهڙيون ڳالهيون بسا اوقات ظاهر ٿي وينديون آهن۔ نبي عليه السلام کان اِعلانِ نبُوَّت کان پهريان اهڙيون شيون ظاهر ٿين ته ان کي اِرهاص چيو ويندو آهي ۽ اِعلانِ نبُوَّت کان پوءِ ظاهر ٿين ته معجزو چوندا آهن۔ عام مومنين کان جيڪڏهن اهڙيون شيون ظاهر ٿين ته ان کي مَعُونت ۽ ولي کان ظاهر ٿين ته ڪرامت چئبو آهي۔ ۽ ڪافِر يا فاسِق کان ڪا خِرقِ عادت (يعني خلافِ عادت ڳالھ) ظاهر ٿئي ته ان کي اِستِدراج چيو ويندو آهي۔([1])

عقل کو تنقید سے فُرصت نہیں                                                      عِشق پر اعمال کی بُنیاد رکھ

صَلُّوا عَلَي الْحَبِيب!                                                 صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

غوثِ اعظم مِرگھي کي ڀڄائي ڇڏيو

هڪ ڏينهن بارگاههِ غوثيَّت ۾ هڪ شخص حاضر ٿي عرض ڪيو؛ عالي جاھ! منهنجي گهرواريءَ کي مِرگهي ٿي پئي آهي، حُضوُر غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو؛ اُن جي ڪن ۾ چئو ته غوثِ اعظم جو حڪم آهي ته بغداد مان نڪري


 

 



[1] مُلَخَّص ازبہارِ شریعت ج۱ص۵۶،۵۸