Book Name:Walion K Sardar

وڃ۔ ته پوءِ انهيءَ وقت اُها ٺيڪ ٿي وئي۔([1])

     

      پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا ولي الله ۽ الله پاڪ جا تمام گھڻا عبادت گذار ٻانها هئا، غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عبادت و رياضت جا معمولات ٻڌي انسان حيران رهجي ويندا آهن۔ جڏهن غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ولي الله طور مشهور ٿي ويا تڏهن به عبادت جي ڪثرت سندن طبيعت ۾ شامل رهي۔ اچو! سندن عبادت و ريا ضت جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿا: جيئن ته

غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ۽ ڪثرتِ عبادت

      حضرت شيخ محمد بن اَبُوالفَتح هرَوِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته مان حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الله تَعَالٰى عَلَيه جي خدمت ۾ چند راتيون رهيس، انهن راتين ۾ مون سندن معمول ڏٺو ته  ٽهائي رات تائين نفل پڙھندا هئا ۽ پوءِ ذڪرو اذڪار ۾ مصروف ٿي ويندا هئا، پوءِ ڪجھ اوراد پڙهندا هئا۔ مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته ڪڏهن سندن جسم ڪمزور ٿي ويندو، ڪڏهن سندن جسم تمام ننڍو ٿي ويندو هو، ڪڏهن ڪڏهن تمام وڏو ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪڏهن سندن جسم هوا ۾ اڏامي ويندو هو ۽ منهنجي نگاهن کان غائب ٿي ويندا هئا ۽ بيهي قرآن ڪريم پڙھندا هئا ايستائين جو رات جو ٻيو حصو گذري ويندو هو، تمام ڊگھا سجدا ڪندا هئا، پنهنجي چهري کي زمين تي رکندا هئا، تهجد ادا ڪندا هئا ۽ مراقبي ۽ مشاهدي ۾ طلوعِ فجر تائين ويٺا رهندا هئا پوءِ نهايت عاجزي ۽ نوڙت ۽ خشوع سان دعا گھرندا هئا، ان وقت کين اهڙو نور ڍڪيندو هو جو نگاهن کان غائب ٿي ويندا هئا ايستائين جو فجر جي نماز جي لاءِ پنهنجي حجري مبارڪ کان ٻاهر نڪرندا هئا۔([2])


 

 



[1] مُلَخَّص ازبَہجۃُ الاسرارلِلشَّطنوفی ص۱۴۰،۱۴۱

[2] بہجة الاسرار، ذکر طریقہ، ص۱۶۴ملخصا