Book Name:Walion K Sardar

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”علاقائي دورو“

اي عاشقانِ غوثِ اعظم! اي ڪاش! اسان کي به پنهنجي اِصلاح سان گڏوگڏ ماڻهن جي اصلاح جو اهو جذبو ملي وڃي، اي ڪاش! اسان دعوتِ اسلامي جي 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم علاقائي دورو به آهي، مرڪزي مجلس شورٰي جي طرفان ڏنل طريقيڪار جي مطابق روزانو يا هفتي ۾ ٻه ڏينهن يا هفتي ۾ هڪ ڏينهن هر مسجد جي اطراف ۾ گھر گھر، دڪان دڪان وڃي اتي موجود اسلامي ڀائرن سميت راھ ۾ بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ سڀني ماڻهن کي نيڪي جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي، ان کي علاقائي دورو چيو ويندو آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشمار فائدا آهن، مثال طور ”علاقائي دوري“ جي برڪت سان مسجد آباد رهندي آهي، ”علاقائي دوري“ جي برڪت سان علائقي ۾ خوب مدني ڪم وڌندو آهي، علائقي دوري جي برڪت سان نوان نوان اسلامي ڀائر مدني ماحول جي ويجهو ايندا آهن، علائقي دوري جي برڪت سان بي نمازين کي نمازي بنائڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي. علاقائي دوري جي برڪت سان اميراهلسنت جي دعائن مان حصو ملندو آهي. علاقائي دوري جي برڪت سان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو موقعو ملندو آهي.

اچو! ترغيب لاءِ ”علاقائي دوري“ جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،

مسجد آباد ٿي وئي

   ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، اسان جو مدني قافلو پنجاب جي هڪ شهر جي هڪ مسجد ۾ پهتو، دروازي تي تالو لڳل هيو، جيئن تيئن ڪري چاٻي حاصل ڪري دروازو کوليو ويو ته هر شيء تي مٽي پيل هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ ڪافي عرصي کان مسجد بند پئي آهي۔ اسان سڀني گڏجي صفائي ڪئي، نماز عصر کان پوءِ علاقائي دورو ڪري راند ۾ مشغول نوجوانن جي خدمت ۾ نيڪي جي دعوت پيش ڪئي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه ڪيترائي نوجوان