Book Name:Shan e Mustafa
عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي قوم ثمود جا علائقا هڪ ئي رڙ سان تباھ ڪيا ويا، پر الله پاڪ تمام انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام تي، ايستائين جو صاحبِ همت ۽ بُلند ارادو رکندڙن رسولن تي به هر شيء ۾ پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فضيلت عطا فرمائي آهي ۽ الله پاڪ پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڪرامت ۽ اعزاز جا اهي اسباب عطا فرمايا آهن جيڪي ڪنهن ٻئي کي عطا ناهن ڪيا، انهن مان هڪ اهو آهي ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ آسمان تان لشڪر نازل ڪيا ۽ آيت ۾ ”وَمَاۤ اَنْزَلْنَا“ ۽ ”وَمَا كُنَّا مُنْزِلِينَ“ فرمائي ڄڻ ته هن ڳالھ ڏانهن اشارو ڪري ڇڏيو ته اي حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، ملائڪن جو لشڪر نازل ڪرڻ انتهائي عظمت وارو ڪم آهي جنهن جي لاءِ توهان کان علاوه ٻيو ڪو اهليت نٿو رکي ۽ اسان توهان کان سواءِ ڪنهن ٻي جي لاءِ ائين نه ڪنداسين۔
(تفسیرقرطبی، یس، تحت الآیۃ: ۲۸، ۸ / ۱۸، الجزء الخامس عشر)
خدا نے اس قدر اُونچا کیا پایہ محمد کا نہ پہچانا کسی نے آج تک رُتبہ محمد کا
بحکمِ حق اترتے ہیں فرشتے خاص رحمت کے کِیا کرتے ہیں جب اَہلِ سُنَن چرچا محمد کا
نہیں ہے جو غلامِ مصطفے بندہ ہے شیطاں کا وہی ہے بندۂ حق جو ہوا بندہ محمد کا
جمیل ِ قادری ایسی سُنا، رنگیں غزل کوئی کہ بے خود ہو یہاں ہرایک مستانہ محمد کا[1]
رسول اڪرم عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام مالِڪ ۽ مختار آهن
اي عاشقانِ رَسُول! اسان جي نور واري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڪيترو نرالو آهي جو رب پاڪ انهن کي شرعي احڪام جو مالڪ و مختار بڻائي موڪليو جو پاڻ جنهن کي چاهين جيڪو چاهين حڪم ڏئي سگھن ٿا، جنهن جي لاءِ جيڪو چاهين جائز يا ناجائز ڪري سگھن ٿا، سيپاري