Book Name:Shan e Mustafa
موجود آهن۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني چينل تي ٿيندڙ پروگرامز به شامل ڪيا ويندا آهن۔ هن ۾ موجود ”Live Chat“ آپشن جي ذريعي اوهان پنهنجا مفيد مشورا ڏئي سگھو ٿا۔ لهٰذا اڄ ئي هن موبائل ايپلي ڪيشن کي پلي اسٽور(Play Store) يا ايپ اسٽور(App Store) تان ڊاؤن لوڊ ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اچو باني دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت،اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ”163 مدني گل“ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهريان فرمانِ مصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: * جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث ۲۵۰۴) مُفسّر قرآن، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) * جيڪو شخص ڪپڙا پائي ته هي دعا پڙهي: اَلْحَمْدُلِلّٰہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. (شُعَبُ الْاِيمان ج۵ ص۱۸۱ حديث۶۲۸۵) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ (ايضاً ص 326 حديث 4778) * خَاتَـمُ المُرۡسَلِين، رَحۡمَة لّلعٰلمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ لباس اڪثر سفيد ڪپڙي جو هوندو هو۔ (ڪشْفُ الاِلْتِباس فِي اسْتِحْبابِ اللِّباس لِلشَّيخ عبدالْحَقّ الدّھلَوي ص۳۶) * لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص۱ ۴) * پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهريان آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾ (اَيضاً۴۳) * اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهريان ساڄي پانچي