Book Name:Shan e Mustafa
مَٿرا (هند) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجهه هن طرح بيان آهي ته ”مان هڪ ماڊرن نوجوان هئس، فلمون ڊراما ڏسڻ منهنجو مشغلو هو، مڪتبةالمدينہ کان جاري ٿيل بيان جي ڪيسيٽ ”T.Vکی تباہ کاریاں“ ٻُڌڻ جو شرف حاصل ٿيو، جنهن مون ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو، مان دعوت اسلاميءَ جي مدني ماحول سان ڳنڍجي ويس، مونکي اپينڊس(Appendix) جي بيماري ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر آپريشن جو مشورو ڏنو مان گهٻرائجي ويس ايتري ۾ دعوت اسلاميءَ جي هڪ مبلّغ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾پهريون ڀيرو عاشقانِ رسول سان گڏ دعوتِ اسلاميءَ جي سنّتن جي تربيت جي ٽن ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس، اَلحَمدُلله مدني قافلي جي برڪت سان بغير آپريشن منهنجي بيماري ختم ٿي وئي ۽ منهنجي جذبي کي مديني جا ٻارهـن چنڊ لڳي ويا. هاڻي مان هر مهيني ٽن ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪندو آهيان ۽ هر مهيني مدني انعامات جو ڪارڊ جمع ڪرائيندو آهيان ۽ مسلمانن کي فجر جي نماز خاطر جاڳائڻ لاءِ صداءِ مدينہ لڳائيندو آهيان. (فیضانِ سنت، ص۲۴٧)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
نگران شوري حاجي محمد عمران جي ايپ (Application) جو تعارف
دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ دين جي تبليغ جي لاءِ مصروفِ عمل آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ (I.T Department) عاشقانِ رسول جي لاءِ هڪ نهايت شاندار ڪم نگران شوريٰ حاجي محمد عمران عطاري مَدَّظِلَّه الْعَالي جي نالي سان به هڪ ايپ بنام مولانا محمد عمران عطاري جي صورت ۾ ڪيو آهي، اها ايپ لاؤنچ ڪئي وئي آهي۔ جنهن ۾ نگران شوريٰ حاجي محمد عمران عطاري مَدَّظِلَّه الْعَالي جا آڊيو (Audio)، ويڊيو(Video)بيانات، شارٽ ڪلپ، مختلف مصروفيات، مدني چينل ريڊيو، ڊاؤن لوڊ، سرچ ۽ شيئرنگ جون سهولتون