Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

مدني ڪم روزانو صَداءِ مدينه لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مُسلمانن کي فجر جي نَماز جي لاءِ جاڳائڻ کي صَداءِ مدينه لڳائڻ چيو ويندو آهي۔ يقيناً اڄڪلھ مُسَلمان دِين کان گھڻو پري ۽ فڪرِ آخرت کي ڇڏي دنيا جي فڪر ۾ مصروف آهن۔ سنتن ۽ نفلن جي ڳالھ ته پري رهي پر ماڻهن جي اَڪثَرِيت فرض نمازون تائين قَضا ڪري ڇڏي ٿي۔ انهيءَ ڪري اسان جون مسجدون وِيران ٿي ويون، اهڙي صورتحال ۾ انهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو عزم ڪرڻ ۽ انهيء عزم جي تڪميل جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪرڻ يقيناً سَعادَت جي ڳالھ آهي۔ لهٰذا ڪوشش ڪريو! ۽ مسجد جي آبادڪاري جي لاءِ روزانو صَداءِ مدينه لڳائڻ جو معمول بڻائي وٺو۔ جيئن ته

اميرالمؤمنين ۽ صداءِ مدينه

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عُمَر فارُوقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه جو اهو معمول هو جو پاڻ جڏهن فجر نماز جي لاءِ ويندا هئا ته واٽ ۾ ماڻهن کي نماز جي لاءِ جاڳائيندا ايندا هئا، ۽ اَذانِ فجر کان فوراً بعد جيڪڏهن مسجد ۾ ڪو سُتل هوندو هو ته ان کي به جاڳائيندا هئا۔ (الطبقات لابن سعد ، رقم ۵۶ ، عمربن خطاب ، ۳ / ۲۶۳)

ياد رکو! جيڪڏهن اسان جي اِنفِرادي ڪوشش سان هڪ اسلامي ڀاءُ به نمازي بڻجي ويو ته ان کي ته نيڪ عملن جو ثواب ملندو ئي، گڏوگڏ اسان به ان ثواب سان مالامال ٿينداسين۔ ڇوته نيڪي جي طرف رَهنمائي ڪرڻ وارو به نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي۔ (ترمذی ، کتاب العلم ، باب ماجاء الدال علی الخیر كفاعله ، ۴ / ۳۰۵ ، حدیث : ۲۶۷۹)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪامل مسلمان بڻجڻ جي لاءِ، غيبت ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جي عادت ڪڍڻ، نمازن ۽ سُنَّتن جي عادت بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هردَم وابَسته رهو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مُعاشري جا ڪيئي بگڙيل شخص دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي بَرَڪت سان سڌي واٽ تي اچي چڪا آهن۔ جيئن ته