Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

جي فرمانِ عالي شان جو خُلاصو آهي: اها حديث ان حديث کان علاوه آهي جنهن ۾ موليٰ عليرَضِىَ اللهُ عَنْه جي لاءِ سج کي رُڪڻ جو حڪم اِرشاد فرمايو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه ان کي خِلافتِ رَبُّ العِزَّت چئبو آهي، سڄي مخلوقِ اِلٰهي کي ان جي حڪم جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري لازم آهي۔ اهي خدا جا آهن ۽ جيڪو ڪجھ خدا جو آهي اهو سڀ اُن جو آهي، اهي سڀ کان وڏا محبوب (يعني پيارا) آهن، جڏهن  پينگهي ۾ کير پيئندا هئا ته چنڊ سندن غلامي ڏيندو هو (يعني ڳالھ مڃندو هو)، جيڏانهن اشارو ڪندا هئا چنڊ ان پاسي جُھڪي ويندو هو۔ (فتاویٰ رضویہ، ۳۰/۴۸۵-۴۸۸ ملخصاً)

چاند اِشارے کا ہِلا حکم کا باندھا سورج

واہ کیا بات شہا تیری توانائی کی[1]

 شعر جي مختصر وضاحت: سُبحان الله! منهنجي مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڇا ته طاقت ۽ اِختيار آهي جو پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ آڱر جو اِشارو ٿئي ته چنڊ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِشارن تي هلڻ جو عادي نظر اچي (جيئن ته ننڍپڻ ۾ چنڊ سندن دِل وندرائڻ جي لاءِ سندن آڱر جي اشاري تي چُرپر ڪندو هو)۔ يارسول الله! سج به اوهان جي حڪم جو پابند ٿيو جو حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي هڪ نماز جي لاءِ سج کي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موٽائي ورتو۔

مُنوّر جي آمد مرحبا     مُعطَّر جي آمد مرحبا

شاه بحروبر جي آمد مرحبا  رسولِ انور جي آمد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اَحڪام حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حوالي آهن

مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اَحڪامِ تَشرِيعِيه (يعني حلال و حرام بابت اَحڪام) حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبضي ۾ ڪيا ويا آهن جنهن


 

 



[1]    حدائقِ بخشش،ص۱۵۴۔