Shan e Mustafa

Book Name:Shan e Mustafa

پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شَفاعت جو دَروازو کوليندا

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي ته ”توريت شريف“ ۾ مالڪ و مختار نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا هي وصف (يعني خوبيون) بيان ٿيون آهن: منهنجو ٻانهو احمدِ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي، سندن پيدائش جي جڳھ مڪه مڪرمه ۽ هجرت جو هنڌ مدينو پاڪ آهي، سندن اُمَّت هر حال ۾ الله پاڪ جي ڪثير حمد (يعني گھڻي ساراھ) ڪرڻ واري آهي۔ (تاریخ ابن عساکر، باب ما جاء من ان الشام یکون ملک اھل الاسلام، ۱/۱۸۶-۱۸۷)  قيامت جي ڏينهن شَفاعتِ ڪبريٰ جو رُتبو سرورِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصيات مان آهي ته جيستائين حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شَفاعت جو دَروازو نه کوليندا ڪنهن کي شَفاعت جي مجال نه هوندي، بلڪ حقيقت ۾ جيترا شَفاعت ڪرڻ وارا آهن، حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دَربار ۾ شَفاعت آڻيندا، شفاعتِ ڪبريٰ مومن، ڪافر، فرمانبردار، گنهگار سڀني جي لاءِ آهي، جيئن ته قيامت جو حِساب شروع ٿيڻ جو اِنتظار جيڪو سخت جان وٺندڙ هوندو ان جي لاءِ ماڻهو تمنّا ڪندا ته ڪاش! جهنم ۾ اڇلايا وڃن ها ۽ هن اِنتظار کان ڇوٽڪارو ملي ها، هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڪافرن کي پڻ حضوراڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صَدقي ملندو، جنهن تي پهريان ۽ بعد ۾ ايندڙ اتفاق ڪندڙ، مخالف، مؤمن ۽ ڪافر سڀئي حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ساراھ ڪندا، انهيء جو نالو مقامِ محمود آهي۔ (بہارِ شریعت،۱/۷۰، حصہ:۱ بتغیر قلیل)

کیا ہی ذوق افزا شفاعت ہے تمہاری واہ واہ

قرض لیتی ہے گنہ پرہیز گاری واہ واہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!           صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شَفاعت جا مختلف قسم

اي عاشقانِ ميلاد! شَفاعت جا ٻيا به قسم آهن، مثال طور ڪيترا اهڙا هوندا جيڪي بِلاحساب جنَّت ۾ داخِل ڪيا ويندا، جن ۾ چار اَرَب نَوّي ڪروڙ جو